وفاق نه پنجاب ۾ حڪومت ڪريو(ليگي اڳواڻن جي تجويز) غير اصولي ڳالهه نه مڃينداسين: نواز شريف

فيبروري 17, 2024

لاهور (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پارٽي اڳوڻن مسلم ليگ ن جي قائد نواز شريف کي وفاق ۾ حڪومت نه ٺاهڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي. ان ڏس ۾ پاڪستان مسلم ليگ ن قائد نواز شريف جي صدارت هيٺ اجلاس جي اندروني ڪهاڻي سامهون اچي وئي. ذريعن موجب، ذريعن جو چوڻ آهي ته اڳوڻن نواز شريف کي تجويز ڏني ته اسان کي حڪومت نه وٺن گهرجي، پنجاب ۾ ن ليگ آزاد اميدوار گڏجي آساني سان حڪومت ٺاهي سگهي ٿي. ذريعن موجب، اسحاق ڊار چيو ته ن ليگ جي ميمبرن جو پنجاب ۾ آزاد اميدوارن کي گڏائي انگ 154 ٿي ويو آهي. جڏهن ته پارٽي کي رڳو پنجاب تي فوڪس ڪرڻ گهرجي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته نواز شريف چيو ته وفاقي حڪومت ٺاهڻ لاءِ ڪنهن اتحادي پارٽي جي غير اصولي ڳالهه کي نه مڃڻ گهرجي. ذريعن موجب پارٽي ميمبرن چيو ته اسان جي پارٽي پاران حڪومت وٺڻ جو مقصد رياست بچائڻ آهي. رياست کي بچائڻ جي ضروت آهي  اجلاس ۾ شهباز شريف، مريم نواز، اسحاق ڊار، مريم اورنگزيب شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ سعد رفيق، اعظم نذير تارڙ، اياز صادق، احسن اقبال به شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ رانا تنوير، سلمان شهباز ۽ ملڪ احمد خان به شرڪت ڪئي.

Leave A Comment