وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ڪئي پئي وڃي، فسادي هوش کان ڪم وٺن، 2014ع جهڙي سازش ٻيهر ٿيڻ نه ڏينداسين: وزيراعظم

آڪٽوبر 9, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته وفاق تي ڏينهن رات چڙهائي ٿي رهي آهي، ڌمڪيون ۽ گاريون ڏنيون پيون وڃن پر 2014ع جهڙي ڪنهن به سازش کي ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين، پاڪستان جي ترقي جي سفر کان ڪير به روڪي نه سگهندو. وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ شهيد ٿيندڙن جي لاءِ فاتحه خواني ڪئي وئي. وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي هن چيو ته ڪالهه بشام کانپوءِ ڪراچي ۾ دهشتگردي جو انتهائي افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جنهن ۾ اسان جا 2 چيني ڀائر مارجي ويا ۽ هڪ زخمي ٿيو، جڏهن ته حملي ۾ ڪجهه پاڪستاني پڻ زخمي ٿيا. هن چيو ته بشام واقعي کانپوءِ چيني حڪومت پاران خدشن جو اظهار ڪندي پيغام ڏنو ويو ته پاڪستان ۾ ڪم ڪندڙ چيني شهرين جي سيڪيورٽي لاءِ سخت قدم کنيا وڃن ۽ جڏهن مان جون ۾ چين جو دورو ڪيو هو ته انهن کي يقين ڏياريو ويو هو پر اِن باوجود بدقسمتيءَ سان ڪالهه واقعو پيش آيو. هن چيو ته هن چيني سفير سان ملاقات ۾ افسوس جو اظهار ڪيو ۽ کيس ٻڌايو ته تمام ڪوششن جي باوجود اهو واقعو پيش آيو جنهن تي اسان شرمسار آهيون پر اسان جا حوصلا اڳ کان وڌيڪ مضبوط آهن ۽ سيڪيورٽي کي بهتر بڻائڻ لاءِ قدم کنيا ويندا. شهباز شريف چيو ته هن چيني سفير کي يقين ڏياريو ته اسان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس اي او) ڪانفرنس جا مڪمل انتظام ڪيا آهن ۽ تفصيل ساڻس شيئر ڪيا. هن چيو ته مون بار بار ٻڌايو آهي ته ڪيئن سعودي عرب، يو اي اي ۽ چين ماضي وانگر هڪ ڀيرو ٻيهر آءِ ايم ايف پروگرام ۾ اسان جي مدد ڪئي، جڏهن ته ملائيشيا جي وفد جو ڪامياب دورو ٿيو. سعودي عرب جو وفد دورو ڪرڻ وارو آهي ۽ پوءِ چين جو وزيراعظم اچڻ وارو آهي ۽ پاڪستان کي ايس او ايس جي ميزباني جو موقعو ملي رهيو آهي، اهڙي موقعي تي چيني انجنيئر کي نشانو بڻايو ويو جنهن جي ذميواري بلوچستان لبريشن آرمي (بي ايل اي (BLA) قبول ڪئي آهي. وزيراعظم چيو ته وفاق تي ڏينهن رات چڙهايون ٿي رهيون آهن، ڌمڪيون ڏيڻ سان گڏ بي بنياد ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، توهان کي خبر آهي ته 15-2014ع ۾ ڊي چوڪ تي ڌرڻو هنيو ويو ۽ جيڪو ڪجهه ڪيو ويو. اڄ ٻيهر پاڪستان جي خلاف ناپاڪ ارادن کي ورجايو پيو وڃي. هن چيو ته چيني صدر جي پاڪستان جي دوري جو اعلان ڪيو ويو پر ان جي باوجود پي ٽي آءِ جي باني  اِن جو احساس نه ڪيو ته چيني صدر جو دورو ملتوي ٿيڻ سان ڪيترو معاشي نقصان ٿيندو. هن چيو ته جڏهن مونکي اطلاع ڏنو ويو ته چيني صدر جو دورو ملتوي ٿي ويو آهي ته مون وزيراعظم نواز شريف سان ڳالهايو، جنهن تي هن چيو ته پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جو عظيم الشان منصوبو شروع ٿيڻو هو، جنهن ۾ اربين ڊالرن جي سيڙپڪاري ٿيڻي هئي، جنهن کي نقصان پهچايو ويو آهي ۽ پاڪستان جي اميج ۽ مفاد کي نقصان پهچائڻ لاءِ ان کان وڌيڪ ٻيو ڪو حربو نه ٿو ٿي سگهي. شهباز شريف چيو ته اڄ هڪ ڀيرو ٻيهر پاڪستان جي معيشت کي نقصان پهچائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي ۽ هر روز اسلام آباد تي چڙهائي ڪري ساڳي ڳالهه کي ورجايو پيو وڃي. هن چيو ته اهو سڀ ان ڪري ڪيو پيو وڃي ڇاڪاڻ ته اسان جو آءِ ايم ايف پروگرام مڪمل ٿي چڪو آهي، مهانگائي 32 سيڪڙو کان گهٽجي 9.6 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي، آئي ٽي ايڪسپورٽ وڌي رهي آهي پر اها ڳالهه ڪنهن گروپ کي منظور ناهي ته پاڪستان ترقي ڪري. وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير جي اڳواڻي ۾ جلوس ۾ افغان شهري، سرڪاري پوليس ۽ ٻيا اهلڪار موجود هئا، جتان هوائي فائرنگ ڪئي وئي، عوام کي ڪجهه نه ٻڌائڻ هن ملڪ سان زيادتي آهي، ان کان اڳ وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس 11.30 وڳي شروع ٿيو، جنهن ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) ڪانفرنس جي تيارين جو جائزو ورتو ويو. ان کان علاوه ڪابينا اجلاس ۾ ملڪ جي سياسي ۽ معاشي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. واضح رهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جو سربراهه اجلاس 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندو، جنهن ۾ ڀارتي پرڏيهي وزير سبرامنيم جي شنڪر سميت ٻين ملڪن جا اعليٰ سطحي وفد شرڪت ڪندا. وفاقي حڪومت شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي اجلاس کان اڳ اسلام آباد ۽ راولپنڊي ۾ 3 ڏينهن لاءِ عام موڪل جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو آهي.

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت هيٺ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿي گذريو. وفاقي ڪابينا فلسطين ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي بربريت جي متاثرن جي مدد لاءِ فلسطين ۽ لبنان لاءِ وزيراعظم رليف فنڊ قائم ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان حوالي سان اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان کي اڪائونٽ کولڻ لاءِ ضروري هدايتون جاري ڪري ڇڏيون آهن. منصوبابندي وارو وفاقي وزير احسن اقبال فلسطين ۽ لبنان جي حوالي سان امدادي ڪاررواين جي نگراني ڪندو. اجلاس ۾ وفاقي ڪابينا کي انفارميشن ٽيڪنالاجي ۽ ٽيلي ڪام واري وزارت طرفان وفاقي وزارتن ۽ ادارن ۾ اي-آفيس لاڳو ڪرڻ بابت بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته اي گورننس تي عملدرآمد جي حوالي سان حڪومتي قدمن سبب گڏيل قومن جي اي گورننس ڊولپمينٽ انڊيڪس ۾ پاڪستان جي پوزيشن 14 درجا بهتر ٿي آهي. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت جي سمورن 40 ڊويزنن ۾ اي-آفيس تي عملدرآمد جو عمل جاري آهي ۽ ڪجهه وزارتن ۾ اي-آفيس تي 100 سيڪڙو عملدرآمد ٿي چڪو آهي. وزيراعظم اي-آفيس جي عمل ۾ وڌيڪ بهتري آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته ان حوالي سان اڳڀرائي جو ٻن هفتن کانپوءِ جائزو ورتو ويندو. وفاقي ڪابينا ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزيشن جي فيصلن جي روشني ۾ فشريز جي شعبي ۾ سبسڊي ڏيڻ جي معاهدي جي منظوري ڏئي ڇڏي. سامونڊي معاملن واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا گوادر بندر گاهه، پاڪستان ۽ چين جي شنگھائي بندرگاهه کي سسٽر پورٽس جو درجو ڏيڻ جي معاهدي تي صحيحن جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي وفاقي ڪابينا پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ روانڊا جي پرڏيهي معاملن واري وزارت وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا پرڏيهي معاملن واري وزارت جي سفارش تي پاڪستان جي پرڏيهي وزارت ۽ گانا جي پرڏيهي معاملن واري وزارت وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشت تي صحيحن جي منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا چيف جسٽس بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي حڪمن، قانون ۽ انصاف واري وزارت جي سفارش تي جوڊيشل مئجسٽريٽ ون گوادر ۽ جڊيشل مئجسٽريٽ ون حب کي اينٽي نارڪوٽڪس ڪيس جي ٻڌڻي لاءِ اختيار ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا 25 سيپٽمبر 2024ع تي قانون سازي بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي. وفاقي ڪابينا 16 سيپٽمبر 2024ع تي چيني سيڙپڪاري منصوبن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڪيل فيصلن جي به منظوري ڏني. وفاقي ڪابينا 1 آڪٽوبر 2024ع تي ٿيل سرڪاري ملڪيتن بابت ڪابينا ڪميٽي جي اجلاس جي فيصلن جي منظوري ڏئي ڇڏي.

Leave A Comment