ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان

مارچ 29, 2024

ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب پاران خساري ۾ هلندڙ سمورن ادارن کي خانگائڻ جو ٻيهر اعلان، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ تقريب کي خطاب ۽ بعد ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي ناڻي واري وزير چيو ته آءِ ايم ايف جي وڏي پروگرام ۾ شامل ٿي رهيا آهيون، جيڪي ادارا خساري ۾ آهن انهن کي نجڪاري ڏانهن کڻي وينداسين، ايف بي آر ۾ سڌارن تي ڪم جاري آهي، حڪومتي قدمن جي نتيجي ۾ مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ايندي، محمد اورنگزيب چيو ته زرعي شعبي ۾ واڌ جي شرح 5 سيڪڙو رهي، چانورن جو بمپر فصل ٿيو آهي، ڪڻڪ جي پيداوار بابت به سٺي خبر آهي، ڪرنٽ اڪائونٽ کاتو بهتر آهي، مهانگائي جي شرح ۾ گهٽتائي ٿي آهي، اهي سموريون ڪاميابيون وزيراعظم شهباز شريف جي گذريل دور واري ايس بي اي معاهدي جو نتيجو آهن، نگران حڪومت به معيشت جي بحاليءَ لاءِ بهتر ڪم ڪيا، 14 ۽ 15 اپريل تي ورلڊ بينڪ ۽ آءِ ايم ايف سان گڏجاڻيون ٿينديون، پي آءِ اي جي نجڪاري ۽ هوائي اڏن جي آئوٽ سورسنگ تي جوڳي اڳڀرائي ٿي آهي، جون کان اڳ آءِ ايم ايف سان نئين پروگرام لاءِ اسٽاف ليول معاهدو ڪرڻ چاهيون ٿا

لاڳاپيل پوسٽون

  • خيرپور: ميرواهه ڪئنال مان هٿ آيل لاش جي سڃاڻپ

  • وياج جي شرح 11 سيڪڙو برقرار

  • وڳڻ ڀرسان حادثو، هڪ ڄڻو فوت، 3 زخمي

  • حيدرآباد: ٻڏي ويل جو 30ڪلاڪن بعد لاش هٿ