ناڻي وزير جون سيڙپڪاري ۽ قرض لاءِ آمريڪا ۾ ملاقاتون: ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي هراسان نه ڪبو: اورنگزيب
آڪٽوبر 28, 2024
واشنگٽن (م ڊ) ناڻي وزير جون آمريڪا ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون، سيڙپڪاري ۽ قرض تي ڳالهيون ڪيون. ناڻي وزير محمد اورنگزيب جي صدر ايشين انفرا اسٽرڪچر بينڪ جن ليڪون سان ملاقات ٿي
ناڻي وزير جي ٽي روڊ جي تعمير لاءِ سيڙپڪاري جي دعوت ڏني ۽ موسمياتي تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ قرض ۾ مدد جي درخواست ڪئي، جڏهن ته چين جي نائب ناڻي وزير سان ملاقات ۾ محمد اورنگزيب پاڪستان ۾ اليڪٽرڪ گاڏيون متعارف ڪرائڻ واري فيصلي جي آجيان ڪئي ۽ ڪرنسي سوئيپ معاهدي جي حد 40 ارب يو آن ڪرڻ جي تجويز ڏني
ناڻي وزير سان گوگل جي نائب صدر ڪرن ڀاٽيا جي به ملاقات ٿي، ريگيوليٽري، قانونسازي، ڪنيڪٽوٽي، مالي مسئلن تي ڳالهيون ڪيون ويون
واشنگٽن ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ناڻي وزير چيو ته ورلڊ بينڪ پاڪستان کي قرض نه پر گرانٽ ڏيندو، سموريون ريٽنگ ايجنسيون چئي رهيون آهن ته معيشت بهتر رخ ۾ وڃي رهي آهي، ٽيڪس لاءِ ڪنهن کي هراسان نه ڪيو ويندو، نان فائلر گاڏيون ۽ ملڪيتون خريد ڪري نه سگهندو
هن چيو ته آمريڪا ۾ اسٽيڪ هولڊرز سان ملاقاتون مثبت رهيون، جن پاڪستان ۾ مهانگائي ۾ لاٿ کي ساراهيو، آءِ ايم ايف سان تعميري ڳالهيون ٿيون آهن
ايشيائي ترقياتي بينڪ پاڪستان کي 50 ڪروڙ ڊالر قرض ڏيندي جيڪا رقم ماحولياتي تبديلي ۽ آفتن کي منهن ڏيڻ وارن منصوبن تي خرچ ڪئي ويندي