فائر وال جي ترديد، سب ميرين ڪيبل جي خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿي: چيئرمين پي ٽي اي
آگسٽ 22, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) پاڪستان ٽيليڪام اٿارٽي (پي ٽي اي) چيئرمين ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان فائر وال جي ترديد ڪندي چيو آهي ته اهو لفظ ڪٿي ناهي. پاڪستان ۾ ويب مينيجمينٽ سسٽم آهي، جڏهن ته سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿي آهي. اسلام آباد ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيئرمين پي ٽي اي چيو ته فائر وال گري ٽريفڪ کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ آهي، ڪٿي به فائر وال جو لفظ ناهي، اهو توهان پاڻ ٺاهيو آهي، ڪنهن چيو آهي ته اها فائر وال آهي، هي ته مينيجمينٽ سسٽم آهي. ميجر جنرل (ر) حفيظ الرحمان چيو ته هي سسٽم رڳو سوشل ميڊيا سان لاڳاپيل ناهي، پروپيگنڊا کي فائر وال مان ڪيئن ختم ڪري سگهجي ٿو؟ ائين نٿو ٿي سگهي، ججن ۽ وزيراعظم خلاف ميمز سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن جيڪڏهن ائين مينيج ٿئي ها ته اهي بند نه ڪري ڇڏيون ها. ان کان اڳ قومي اسيمبلي جي انفارميشن ٽيڪنالاجي بابت اسٽينڊنگ ڪاميٽي جو اجلاس سيد امين الحق جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ چيئرمين پي ٽي اي ملڪ ۾ انٽرنيٽ سروس ۽ سوشل ميڊيا سروسز جي اثرن تي ڪاميٽي کي بريفنگ ڏني. چيئرمين پي ٽي اي بريفنگ ۾ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته سب ميرين ڪيبل ۾ خرابي سبب انٽرنيٽ متاثر ٿي آهي، 7 فائبر آپٽڪ ڪيبل پاڪستان ۾ اچن ٿيون، جن مان هڪ خراب آهي. 27 آگسٽ تائين ڪيبل مقرر ٿي ويندي. هن چيو ته ان صورتحال ۾ وي پي اين جي استعمال سبب مقامي انٽرنيٽ ڊائون ٿيو، ويب مئنيجمينٽ سسٽم 2006ع ۾ وجود ۾ آيو، مارچ 2019ع ۾ فائر وال سسٽم جي منظور ٿيو هيو ۽ 2019ع ۾ ان سسٽم جي اپ گريڊيشن شروع ڪئي وئي، ڪٿي ان کي فائر وال چيو وڃي ٿو ته ڪٿي ڪو ٻيو نالو ڏنو ويندو آهي. اسان وٽ ان کي ويب مئنيجمينٽ سسٽم چوندا آهن. ان دوران اپوزيشن ليڊر عمر ايوب سوال ڪيو ته جيڪڏهن ويب مينيجمينٽ سسٽم يا فائروال سسٽم سوشل ميڊيا اڪائونٽس ۽ مواد کي متاثر ڪري ٿو، ان جا ڪهڙا اثر پوندا؟ ڇا انٽيليجنس ايجنسين وٽ اها صلاحيت آهي ته اهي پنهنجو پاڻ مداخلت ڪري شين کي بلاڪ ڪن؟ چيئرمين پي ٽي اي جواب ڏنو ته اهو نظام اوهان جي دور ۾ ئي آندو ويو هو. اجلاس ۾ سيد امين الحق سوال ڪيو ته انٽرنيٽ سروس متاثر ڇو آهي؟ فائر وال آهي يا نه؟ پي ٽي اي کي گهرجي ته ميڊيا کي آگاهي ڏئي ته جيئن عوام کي خبر پوي. چيئرمين پي ٽي اي چيو ته وفاقي حڪومت حڪم ڏنو آهي ته فائر وال لڳايو وڃي، پي ٽي اي ان تي عمل ڪري رهي آهي، خبر ناهي ته فائر وال جي ڪري سسٽم سست ٿي ويو آهي، فائر وال جي اپگريڊيش پهريون ڀيرو نه ٿي رهي آهي پر فائر وال متعلق مڪمل وضاحت حڪومت ڏئي سگهي ٿي. هن وڌيڪ چيو ته وي پي اين بند نٿا ڪري سگهون، اها خبر غلط آهي ته وي پي اين بند ٿي رهي آهي، جنهن بعد ۾ ڪاميٽي ايندڙ اجلاس ۾ آءِ ٽي سيڪريٽري کان فائر وال بابت ٽيڪنيڪل بريفنگ گهري ورتي.