عمرڪوٽ ويجهو فائرنگ، کوسا برادريءَ جي سردار جو پٽ قتل، هڪ شڪي گرفتار
نومبر 6, 2024
عمرڪوٽ(رپورٽ:الياس ٿري)رتنور روڊ ڪيٽل ڪالوني لڳ فائرنگ، گوليون لڳڻ سبب اڳوڻي ٽائون چيئرمين ۽ کوسه برادري جي سردار جو پٽ قتل، ان سلسلي ۾ عمرڪوٽ جي رتنور روڊ ڪيٽل ڪالوني لڳ اڻڄاتل جوابدارن جي فائرنگ ۾ گوليون لڳڻ سبب غضنفر عرف مور کوسو قتل ٿي ويو جنھن جو لاش سول اسپتال عمرڪوٽ پھچايو ويو جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪئي، گوليون ھڻي قتل ڪيل 57 سالن جي غضنفر عرف مور کوسو کوسا برادري جي سردار ۽ ڪيترائي سال ٽائون ڪاميٽي عمرڪوٽ جو چيئرمين رھندڙ مرحوم رئيس الهداد کوسو جو پٽ ھو، اطلاع ملڻ تي کوسا برادري سميت سوين ماڻھو پڻ سول اسپتال عمرڪوٽ پھتا جتي لاش پوسٽ مارٽم بعد وارثن حوالي ڪيو ويو. مقتول جو لاش سندس گھر کوسا محلي پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو. ايس ايچ او عمرڪوٽ جو چوڻ آهي ته معاملي جي مختلف رخن کان جاچ ڪري رهيا آهيون، جيئن ئي وارث ڪيس داخل ڪرائيندا ته جوابدار گرفتار ڪيا ويندا، هن چيو ته جوابدار ڀلي ڪيڏا به بااثر ڇونه ھُجن کين بخش نه ڪيو ويندو. ٻئي طرف پوليس ھڪ شڪي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آھي پر ان جو نالو ظاھر ناھي ڪيو ويو. ٻئي طرف اھي چئوٻول ھلندڙ آھن ته غضنفر عرف مور کوسو جو ڪنھن ڌر سان پئسن جي ڏيتي ليتي جو معاملو ھلندڙ ھو.ٻئي طرف غضنفر عرف مور کوسو ايڪسائيز کاتي عمرڪوٽ ۾ سب انسپيڪٽر ھو، جڏھن ته پوسٽ مارٽم جي ابتدائي رپورٽ موجب کيس ٻنھي ڄنگھن ۾ ھڪ ھڪ گولي لڳل آهي، گڏيل طور تي ٻه گوليون لڳل آهن، جڏھن ته ڊاڪٽرن موجب گھڻو رت وھڻ سبب سندس موت ٿيو آهي
غضنفر جي قتل واقعي تي ڏک پهتو آهي، قتل واقعي جي مذمت ڪريون ٿا: سول سوسائٽي اڳواڻ
عمرڪوٽ: مقتول جي عزيز ۽ سول سوسائٽي اڳواڻ غلام مصطفيٰ کوسو رابطو ڪرڻ تي ٻڌايو ته غضنفر عرف مور کوسو جي قتل واري واقعي تي ڏکارا آھيون، سندس قتل واقعي جي مذمت ڪريون ٿا ۽ معاملي جي مختلف رخن سان جاچ ڪري ڪيس داخل ڪرايو ويندو ھڪڙي ڳالهه واضح آھي ته کيس گوليون ھڻي قتل ڪيو ويو آھي
جلد ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ صورتحال واضح ٿي ويندي: مقتول جو ڀاءُ الهبچايو کوسو
عمرڪوٽ: سول اسپتال ۾ موجودگي دوران مقتول جي وڏي ڀاءُ رئيس الھبچايو کوسو ٻڌايو ته ڏک جي گھڙي آھي معاملي جو مختلف رخن کان جائزو وٺي رهيا آهيون جلد ڪيس داخل ڪرايو ويندو ۽ صورتحال واضح ٿي ويندي، مقتول غضنفر کوسو جي جنازي نماز ادا ڪرڻ بعد تدفين اڄ اربع ڏينھن 06 نومبر تي ڪئي ويندي