پاڪستان ۾ پهريون ڀيرو گاڏين جون نمبر پليٽون 67 ڪروڙن ۾ نيلام: ٻوڏ سٽيلن لاءِ گهر اڏڻ جو اعلان

جُولاءِ 1, 2024

ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) پاڪستان جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو گاڏين جي پريميئر نمبر پليٽن جي نيلامي ڪئي وئي، ايڪسائيز کاتي 40 نمبر پليٽون  نيلام ڪري 67 ڪروڙ 54 لک جمع ڪري ورتا، پريميئم نمبر هڪ واري پليٽ ڏهه ڪروڙ، نمبر پنج پليٽ 5 ڪروڙ 3 لک، نمبر 7  پليٽ 4 ڪروڙ ڇهه لک، نمبر 8 پليٽ  4 ڪروڙ ڏهه ​​لک ۽ نمبر 9 پليٽ 4 ڪروڙن ۾ نيلام ٿي. جڏهن ته 786 نمبر پليٽ 2 ڪروڙ 65 لکن ۾ نيلام ٿي، هڪ ۽ 786 نمبر پليٽون مزمل ڪريم نالي شهري خريد ڪيون، مقامي هوٽل ۾ ٿيل نيلا مي واري تقريب کي خطاب ڪندي  سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نمبر پليٽن جي نيلامي مان حاصل ٿيندڙ رقم ٻوڏ متاثرن جي گهرن جي تعمير لاءِ وقف ڪئي ويندي، انهي رقم مان ٻوڏ متاثرن لاءِ 2251 گهر ٺاهيا ويندا. هن چيو ته سنڌ حڪومت ٻوڏ متاثرن جي مدد ۽ سندن زندگين جي بحالي لاءِ مسلسل ڪوششون ڪري رهي آهي،هن چيو ٿه پريميئم نمبر پليٽن جي نيلامي جو ٻيو مرحلو به جلد شروع ڪيو ويندو. هن چيو ته شهري سون ۽ هيرن جيان نمبر پليٽن ۾ سيڙپ ڪن، اهي نمبر پليٽون وڪرو ٿي سگهن  ٿيون

Leave A Comment