ٻوڏ 2022ع دوران جانورن جي چاري ۾2 ارب جا گهپلا: نيب پاران ورهايل بوهه جو رڪارڊ طلب
مَي 4, 2024
ڪراچي(رپورٽ: حبيب جمالي) سنڌ ۾ 2022ع جي ٻوڏ دوران جانورن جي چاري جي خريداري ۾ اربين جي ڪرپشن وارو اسڪينڊل سامهون اچي ويو، نيب لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي آفيسرن خلاف جاچ شروع ڪندي نجي ڪمپني کان رڪارڊ طلبي ورتو، ان ڏس م مليل معلومات موجب نيب جي ڪمبائنڊ انويسٽيگيشن ٽيم نجي ڪمپني اثاثا انٽر پرائيز جي مالڪ عبدالحڪيم وسطڙو کي نوٽيس جاري ڪري رڪارڊ طلب ڪري ورتو. نوٽيس ۾ ڄاڻايو ويو ته سال 2022ع ۾ ٻوڏ دوران جانورن لاءِ بوهه ڪٿي ڪٿي سپلاءِ ڪيو ويو؟ ضلعي وائيز رڪارڊ فراهم ڪيو وڃي، چارو گاڏين ۾ لوڊ ڪرڻ، گاڏين مان لاهڻ ۽ سپلاءِ ڪرڻ جا تصويري ثبوت پيش ڪيا وڃن، معاهدي جي ڪاپي، ڪوٽيشن جي ڪاپي، ادائيگي جي مد ۾ چيڪن ۽ بينڪ اڪائونٽس جا تفصيل فراهم ڪيا وڃن. نيب موجب کين شڪايت ملي آهي ته لائيو اسٽاڪ ۽ فشريز کاتي جي آفيسرن ٻوڏ دوران جانورن جي چاري جي خريداري ۾ 2 اربن جا گهپلا هنيا، کاتي جي آفيسرن اختيارن جو غلط استعمال ڪندي قومي ناڻي کي نقصان پهچايو. نيب ذريعن جو چوڻ آهي ته لائيو اسٽاڪ ۽فشريز کاتي جي آفيسرن ايمرجنسي ۾ ٽينڊرن بدران ڪوٽيشن ذريعي خريداري ڪئي هئي، اها خريداري من پسند وينڊر کان ڪئي وئي، نيب معاملي جي جاچ ڪري رهيو آهي، ذميوارن کي وائکو ڪيو ويندو. هوڏانهن نجي ڪمپني جي مالڪ عبدالحڪيم وسطڙو جي پٽ محمد علي ٻڌايو ته اسان جاچ ٽيم وٽ پيش ٿي انهن کي گهربل رڪارڊ فراهم ڪري ڇڏيو آهي، اسان نيب ٽيم کي تصويري ثبوت به ڏنا آهن