خوراڪ کاتي جي لاپرواهي ! ٺل ۾ ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خراب، ڪراچي منتقلي جو انڪشاف

آڪٽوبر 24, 2024

ٺل (رپورٽ: حفيظ سومرو) ٺل ۾ خوراڪ کاتي جي لاپرواهي سبب خريد ڪيل ڪڻڪ جون هزارين ٻوريون خراب ٿي ويون آهن

ڪاليج روڊ تي رائيس مل ۾ قائم ڪيل فوڊ سينٽر تي رکيل ڪڻڪ جون ٻوريون کليل آسمان هيٺ هجڻ ڪري خراب ٿي ويون آهن

ٻڌايو پيو وڃي ته خوراڪ کاتي جي عملدارن خريد ڪيل ڪڻڪ جون ٻوريون حفاظت ۾ رکڻ بدران  کليل آسمان هيٺ رکي ڇڏيون، جيڪي برساتن جي ڪري خراب ٿي ويون آهن

ٻڌايو پيو وڃي ته خراب ٿي ويل ڪڻڪ جون ٻوريون ڪراچي پپري گدامن ڏانهن منتقل ڪيون پيون وڃن

ٻن ڏينهن اندر 50 هزار مان 25 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ڪراچي منتقل ڪيون ويون آهن، جنهن ۾ هزارن جي تعداد ۾ خراب ٿيل ڪڻڪ جون ٻوريون ڪٽينرن ذريعي منتقل ڪيون ويون آهن

فوڊ سينٽر تي موجود ڪنٽنر جي ڊرائيور عضمت خان ٻڌايو ته اسان کي رڳو 50 هزار ڪڻڪ جون ٻوريون ڪراچي منتقل ڪرڻ لاءِ چيو ويو آهي جنهن مان اسان 25 هزار ٻوريون منتقل ڪيون آهن

هوڏانهن فوڊ اسپيڪٽر سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر رابطو نه ٿي سگهيو آهي

Leave A Comment