سنڌ ۾ هن هفتي برسات جي اڳڪٿي، ڪراچي ۾ موسم ڪيئن رهندي؟

جُون 4, 2024

ڪراچي: موسميات کاتي 7 جون تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات جو امڪان ظاهر ڪيو آهي

موسميات کاتي موجب مغربي برساتن جو گهٽ شدت وارو نظام شام يا رات ملڪ ۾ داخل ٿي سگهي ٿو، ان الهندي سسٽم جي اثر هيٺ سنڌ ۾ جاري گرمي جي لهر ختم ٿي ويندي

موسميات کاتي موجب دادو ۾ 5 جون جي شام تي گجگوڙ سان برسات جو امڪان آهي، جڏهن ته 6 جون تي دادو، ڄامشورو، لاڙڪاڻو، قمبر شهدادڪوٽ، ڪشمور ۾ به هلڪي برسات جو امڪان آهي

موسميات کاتي موجب 7 جون تي سنڌ جي مختلف علائقن ۾ گجگوڙ سان برسات پوڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ڪراچي ۾ ٽن ڏينهن تائين موسم جزوي ابر آلود ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، جنهن دوران ڪراچي ۾ گرمي پد گهٽ ٿيندو. 33 کان 35 تائين رهي سگهي ٿو. ڊگري سينٽي گريڊ تائين رهي سگهي ٿو

Leave A Comment