سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي بعد رين ايمرجنسي لاڳو، سڀاڻي ڪراچي ۾ سمورن ملازمن کي اڌ موڪل ڏيڻ جو اعلان
فيبروري 29, 2024
سنڌ ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي بعد رين ايمرجنسي لاڳو، سڀاڻي ڪراچي ۾ سمورن ملازمن کي اڌ موڪل ڏيڻ جو اعلان، وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪراچي ۾ برساتن بابت اجلاس دوران اهم فيصلا، وڏي وزير سمورن بلدياتي ادارن، انتظاميا ۽ اسپتالن کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو، ڊي جي پي ڊي ايم اي سلمان شاهه وڏي وزير کي بريفنگ ڏيندي چيو ته سنڌ جي اتر علائقن ۾ اڄ رات کان 2 مارچ تائين برسات پوڻ جا امڪان آهن، اڄ کان سنڌ جي مختلف علائقن ۾ وسڪارو شروع ٿي ويندو، ڪراچي ۾ سڀاڻي منجهند کانپوءِ برسات جا امڪان آهن، ڪراچي ۾ 12 ڪلاڪن دوران 13 کان 16 ملي ميٽر برسات پوڻ جا امڪان آهن، شهر جي دوري تي نڪتل ميئر ڪراچي مرتضيٰ وهاب جي وڊيو لنڪ ذريعي اجلاس ۾ شرڪت، سمورن ملازمن کي سڀاڻي 2 وڳي کانپوءِ آفيسن مان گهرن ڏانهن روانو ڪرڻ جو فيصلو، وڏي وزير اپيل ڪئي ته شهري سڀاڻي منجهند 2 وڳي کانپوءِ پنهنجن گهرن ڏانهن روانا ٿي وڃن، ميئر ڪراچي چيو ته فيبروري ۽ مارچ ۾ ڪراچي اندر برساتون نه پونديون آهن، برساتن جي اڳڪٿي بعد شهر جي سمورين چوڪنگ پوائنٽس جي صفائي جاري آهي