ڌاريا نامنظور جو نعرو هڻڻ جي مشروط آڇ: هندن جي حفاظت اسان ڪئي آهي: راشد محمود
آڪٽوبر 7, 2024
عمرڪوٽ (رپورٽ: الياس ٿري) جميعت علماءِ اسلام پاران عمرڪوٽ جي پريس ڪلب چوڪ تي حرمت رسول صه ڪانفرنس منعقد ڪئي وئي، ڪانفرنس ۾ جي يو آءِ اڳواڻ مولاناراشد محمود سومرو، مولانا اسدالله کھڙو، عبدالرزاق عابد لاکو، مولانا اعظم جھانگيري، يعقوب نعماني، شيعا عالم علامه ارشاد حسين ۽ شو مندر عمرڪوٽ جي مھراج گيان پوري به شرڪت ڪئي. ڪانفرنس کي خطاب ڪندي جي يو آءِ سنڌ جي سيڪريٽري جنرل مولانا راشد محمود سومرو چيو ته قومپرست مون سان گڏ اسٽيج تي اچي گستاخ کي سزا ڏيڻ جو مطالبو ڪن، مان ڌاريا نامنظور چوڻ لاءِ تيار آھيان، اسان ڌاريا نه کپن جو نعرو ھڻندا آھيون پر تاڙي ھڪ ھٿ سان نه وڄندي آھي، راشد محمود سومرو چيو ته ڪراچي کان سکر تائين اسان ھندن جي حفاظت ڪئي آھي، راشد محمود سومرو وڌيڪ چيو ته گستاخن کي قانون موجب سزا ڏني وڃي، ھن ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن کي يقين ڏياريو ته جي يو آءِ جي قيادت اوھان جي حفاظت ڪندي، ڪانفرنس جي موقعي تي ايس ايس پي عمرڪوٽ پاران سيڪيورٽي جا انتظام انتھائي سخت ڪيا ويا ھئا .
ڊاڪٽر شاهنواز جي خاندان جي ھر ممڪن مدد ڪنداسين: ذوالفقار جونيئر
عمرڪوٽ: شھيد ميرمرتضيٰ ڀٽو جو پٽ ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر عمرڪوٽ جي ڳوٺ جانھيرو مقتول ڊاڪٽر شاهنواز ڪنڀر جي تڏي تي پھچي وارثن سان تعزيت ڪري واقعي جا تفصيل ورتا، ان موقعي تي ڳالھائيندي ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر چيو ته اسان متاثر خاندان جي ھر ممڪن مدد ڪنداسين، منهنجي خاندان کي به شھيد ڪيو ويو، ان ڪري ڏک ۽ تڪليف وارو درد سمجھون ٿا، هن چيو ته واقعي جي اعليٰ سطحي جاچ ڪرائي ذميوارن کي سزا ڏني وڃي، اسان ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪري اڳ ئي افسوس جو اظھار ڪندي مذمت ڪئي ۽ عدالتي جاچ جو مطالبو ڪيو، هن چيو ته وڏو ظلم ٿيو آھي، جاچ ٿيڻ گھرجي، ان موقعي تي ھن ڊاڪٽر شاھنواز جي معصوم پٽ کي ھنج تي کڻي پيار ڪيو، ھن ڊاڪٽر جي امڙ، وني، سھري، نياڻي ۽ ٻين گھرڀاتين سان به ڏک ونڊيو ۽ آٿت ڏيندي ھر فورم تي ڀرپور آواز اٿارڻ جو يقين ڏياريو، ان موقعي تي پ پ شھيد ڀٽو اڳواڻ ڪامريڊ ڀاڳو مل ميگھواڙ، صديق سميجو ۽ ٻيا اڳواڻ موجود ھئا، جڏهن ته ذوالفقار علي جونيئر ڀٽو وارثن سان تعزيت ڪرڻ بعد ڊاڪٽر شاهنواز جي قبر تي حاضري ڀري
عمرڪوٽ: ذوالفقار علي ڀٽو جونيئر وڌيڪ چيو ته حڪومت بحريا ٽائون، لياري ايڪسپريس وي سميت الائجي ڪھڙا ڪھڙا پراجيڪٽ پئي ھلائي پر ڊاڪٽر شاھنواز جي خاندان لاءِ ڪجھه به نه ڪيو آھي، ان لاءِ فوري طور حڪومت معاوضي جو اعلان ڪري، ڊاڪٽر ته رٽائرڊ به ڪونه ٿيو ھو، سندس خاندان ڪيئن گذاريندو، حڪومت فوري طور تي ان مسئلي طرف ڌيان ڏئي
نور محمد بجير، ميرحسن آريسر ۽ ٻين جي به ڊاڪٽر شاهنواز جي وارثن سان تعزيت
عمرڪوٽ: سول سوسائٽي اڳواڻن نور محمد بجير، ميرحسن آريسر ۽ ٻين اڳواڻن ڳوٺ پھچي ڊاڪٽر شاھنواز ڪنڀر جي وارثن سان تعزيت ڪري ڏک جو اظهار ڪيو