پرڏيهين کي شهريت لاءِ پي يا ماءُ پاڪستاني هجڻ جو شرط: افغانين جي رهائش مدي ۾ سال واڌ

جُولاءِ 11, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)  افغانين سوڌو پرڏيهين کي شهريت لاءِ پي يا ماءُ پاڪستاني هجڻ جو شرط، بل قومي اسيمبلي ۾ پيش، لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، وفاقي ڪابينا افغانين جي رهائش مدي ۾ هڪ سال جي واڌ ڪري ڇڏي. تفصيل موجب گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جو اجلاس ٿيو، سينيٽ کانپوءِ قومي اسيمبليءَ به اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز ترميم بل منظورڪري ڇڏيو، صدر جي صحيح بعد هي بل قانون بڻجي ويندو. مخالف ڌر پاران بل جي مخالفت ڪندي گوڙ ڪيو ويو، احتجاج ڪيو ويو، جڏهن ته اسٽيٽ اون انٽرپرائيزز ترميمي بل تحت ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ بعد ڪنهن رياستي اداري جي بورڊ آف ڊائريڪٽر، ڊائريڪٽرز ،ايڪس آفيشل ميمبر کي هٽائي سگهجي ٿو. قومي اسيمبلي ۾ وفاقي حڪومت پاران پاڪستان شهريت ايڪٽ ۾ ترميم جو بل پيش ڪيو ويو جيڪو وڌيڪ غور لاءِ لاڳاپيل ڪاميٽي حوالي ڪيو ويو، بل تحت افغانين سوڌو پرڏيهي شهرين جي پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ جي بنياد تي پاڪستان جي شهريت حاصل ڪرڻ جو حق ڏيندڙ قانون ختم ڪرڻ جي ترميم شامل ڪئي وئي، هاڻي ان ٻار کي پاڪستان ۾ پيدا ٿيڻ تي شهريت ملي سگهندي جنهن جي والدين مان ڪنهن هڪ کي ٻار جي پيدائش وقت پاڪستان جي شهريت حاصل هوندي. اجلاس ۾ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي پاران قانون جي وزير اعظم نذير تارڙ پاڪستان شهريت ايڪٽ 1951 ۾ ترميم جو بل 2024 پيش ڪيو، پاڪستان شهريت ايڪٽ 1951 جي سيڪشن 4 کي ختم ڪرڻ جي ترميم بل ۾ شامل ڪئي وئي آھي، گهرو وزارت ڄاڻايو آهي ته شهريت ايڪٽ ۾ سيڪشن چار برطانوي شهريت ايڪٽ 1947 مان نقل ڪيو ويو هيو جنهن ۾ چيو ويو هيو ته برطانيه ۾ پيدا ٿيندڙ ٻار برطانوي شهري هوندو آھي، برطانيه ، ڀارت سوڌو مختلف ملڪن پنهنجي شهريت ايڪٽ ۾ ترميم ڪئي آھي، گهرو وزارت ڄاڻايو ته پاڪستان شهريت ايڪٽ جي سيڪشن چار جي بنياد تي درجنين  ڪيسن ۾ عدالتن گهرو وزارت کي افغاني ٻارڙن کي پاڪستاني شهريت ڏيڻ تي غور ڪرڻ جي هدايت ڪئي، پاڪستان ۾ موجود افغانين جي گهرن ۾ هرسال هزارين ٻار پيدا ٿين ٿا، شهريت ايڪٽ جي سيڪشن چار تحت کين شهريت ڏيڻ سان افغاني شهرين کي قانوني ۽ غير قانوني طور پاڪستان ۾ داخل ٿيڻ کي هٿي ملي ٿي، وڌندڙ آبادي پاڪستان جي لاءِ پهريان ئي هڪ وڏو مسئلو بڻيل آھي اهو مامرو رڳو افغاني گهرن ۾ پيدا ٿيندڙ ٻارن تائين محدو ناهي پر پاڪستان ۾ رهندڙ ٻين ملڪن جا شهري به ان زمري ۾ اچن ٿا،  هن بل تحت پيدا ٿيندڙ ان ٻار کي پاڪستان ۾ ڄمڻ وقت شهريت ملي سگهندي جنهن جي والدين مان ڪنهن هڪ جي شهريت پاڪستاني هوندي اهو پاڪستاني شهري تصور ٿيندو. هوڏانهن وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جو اجلاس ٿيو، ڪابينا ملڪ ۾ قانوني طور تي رهندڙ  ساڍا 14 لک افغان پناهگيرن لاءِ پروف آف رجسٽريشن ڪارڊز جي مدي ۾ هڪ سال جي واڌ جي 30 جون 2025 تائين منظوري ڏني، جن جي رجسٽريشن جو مدو 30 جون 2024ع تي ختم ٿي چڪو آهي.

Leave A Comment