فارم 47 هجي يا 45، اها ئي حڪومت آهي ان کان ڪم وٺڻو آهي: فضل الرحمان سرڪار سان سهڪار ڪرڻ لاءِ تيار

سيپٽمبر 5, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جمعيت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر مولانا فضل الرحمان جو چوڻ آهي ته پاڪستان هن وقت پراڪسي وار جو ميدان بڻجي چڪو آهي. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي مولانا فضل الرحمان چيو ته حڪومت ڪري رهيا آهن، ٽيڪس گڏ ڪري رهيا آهن، جديد هٿيارن سان ليس ڳوٺن جا ڳوٺ ڀري رهيا آهن، روڊن تي پهرو ڏئي رهيا آهن، بلوچستان ۾ هڪ ئي ڏينهن ۾ چار يا پنج هنڌن تي رياستي ادارن، فوج تي حملا ٿيا اهي سڀ شيون آهن جن تي ايوان غور نه ڪندو ته پوءِ ڪير ڪندو. فضل الرحمان چيو ته اسان اڃا تائين اهڙن معاملن کي سنجيدگيءَ سان نه پيا وٺون، صورتحال ٻنهي طرفن کان جذباتي ٿي وڃي ٿي، هڪ طرف عليحدگيءَ جي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي، ٻئي طرف اسان طاقت سان منهن ڏيڻ ۽ رياست جي تحفظ لاءِ آخري حد تائين وڃڻ لاءِ تياري ڪري رهيا آهيون. اهڙي قسم جا بيان صورتحال کي وڌيڪ جذباتي بڻائي رهيا آهن، ٻنهي طرفن کان انتها تي وڃڻ ملڪ جي سلامتي لاءِ سواليه نشان بڻجي ويو آهي. هن چيو ته اڄ سياسي ماڻهن جي اهميت ختم ڪئي پئي وڃي، سينيئر سياسي اڳواڻن کي پاسيرو ڪيو پيو وڃي، معاملا ايترا ته پيچيدا ٿي ويا آهن جو ان کي سلجهائڻ مشڪل ٿي وڃي ٿو، پر اهي سڀ معاملا سياسي ماڻهو ئي ختم ڪري سگهن ٿا، سياستدانن کي بااختيار بڻايو وڃي. جي يو آءِ سربراهه چيو ته نوجوان جذباتي آهن، معاملي کي نٿا سمجهن، جنهن ڪري معاملو وڌيڪ اُلجهي ٿو، اسان پراڪسي جنگ وڙهي رهيا آهيون. هي اسان جي مفادن جي جنگ ناهي، هن وقت پاڪستان جو خطو هن پراڪسي وار جو ميدان بڻجي چڪو آهي. هن وڌيڪ چيو ته سياسي اڳواڻن کي ملڪ لاءِ غير ضروري سمجهڻ بيوقوفي آهي، سنڌ ۾ ڌاڙيلن جو راڄ آهي، اسان وٽ باقاعدگي سان رياست کي چيلينج ڪيو پيو وڃي، ان سڄي صورتحال ۾ اسان جو ڪردار ڇا ٿي سگهي ٿو، جذباتي ماڻهن کي اڳتي آڻڻ رياست جو نقصان آهي، سياسي معاملا سياستدانن جي حوالي ڪيا وڃن، ٻي صورت ۾ مسئلا حل نه ٿيندا، ان سڄي صورتحال ۾ اسان مڪمل ذميواريءَ سان قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. هن چيو ته اسان ماڻهن کي روزگار نه ڏئي سگهيا آهيون، هڪ طرف بيروزگاري آهي ته ٻئي طرف ادارا ختم ڪيا پيا وڃن، يوٽيلٽي اسٽورز بند ڪيا پيا وڃن، حالتون خراب ٿي رهيون آهن ملڪ ۾ بيروزگاري وڌي وئي آهي ۽ مهانگائي جو طوفان آهي، اڄ پارليامينٽ ۽ ميمبرن جو پاليسين ۾ ڪو به ڪردار ناهي، پاليمان مان واضح هدايتون اچڻ گهرجن. مولانا فضل الرحمان چيو ته گم ٿيل ماڻهو هڪ اهم ۽ انتهائي سنگين مسئلو آهي، سندن پيارا سالن کان گم آهن، جيڪو به گم آهي اهو حڪومت جي ذميواري آهي ته سندن خاندان کي ٻڌائي ته سندن ماڻهو ڪٿي آهي، اختر مينگل جنهن احساس تحت استعيفيٰ ڏني اهو احساس هِتي ڪافي پارٽين جو آهي، اقتدار ۾ آيل ماڻهن جو ان کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي ته جڏهن انهن جا آقا چاهين هي انهن لاءِ قانون سازي ڪن. هن چيو ته بلوچستان ۽ خيبرپختونخواهه ۾ حڪومتي رٽ ختم ٿي چڪي آهي، راڪيٽ لانچرن ۽ هر قسم جي جديد هٿيارن سان ليس گروپ ڀتو وٺي رهيا آهن، بلوچستان ۽ ڪي پي ڪي ۾ صورتحال کي واپس بهتر ڪري سگهجي ٿو، پر طاقت جي استعمال جي ڳالهين سان حالتون خراب ٿينديون آهن. اهڙي صورتحال ۾ پارليامينٽ کي اڳتي وڌي ۽ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، جڏهن رياست ناڪام ٿيندي آهي ته اتي اسان ويندا آهيون. ۽ صورتحال تي ضابطو اچي ويندو آهي، مان چونڊن کان اڳ افغانستان ويو هوس جتي سرحد ۽ ٻين سمورن معاملن تي ڳالهيون ڪامياب ٿيون.

Leave A Comment