ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ جو ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس آڏو ڌرڻو

فيبروري 15, 2024

ڌانڌلين خلاف جي يو آءِ جو ڪراچي ۾ اليڪشن ڪميشن سنڌ جي آفيس آڏو ڌرڻو، راشد محمود سومرو خطاب ڪندي چيو آهي ته سنڌ ۾ پولنگ دوران فارم 45 تبديل ڪري بدترين ڌانڌليون ڪيون ويون، ووٽنگ دوران پولنگس به تبديل ڪيون ويون، هاڻي فيصلو ايوانن ۾ نه پر روڊن تي ٿيندو، ايندڙ حڪومت جي رستا روڪ ڪنداسين، سنڌ، بلوچستان ۽ ڪي پي ۾ به مظاهرا ڪيا ويندا، جڏهن به سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ٿيندو ته نياڻين سوڌو اسيمبلي آڏو پهچنداسين، ڪنهن کي به اسيمبلي اندر داخل ٿيڻ نه ڏينداسين، ڪو وڏو وزير ٿي به ويو ته ان کي حڪومت هلائڻ نه ڏينداسين

Leave A Comment