مفت بجلي ناهيون ڏيندا: توانائي وزارت خلاف حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبر هڪ آواز، تحريڪ استحاق جمع

جُولاءِ 29, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) توانائي وزارت طرفان پارليامينٽريز کي مفت يونٽ ملڻ جي ترديد نه ڪرڻ تي حڪومتي ۽ اپوزيشن ميمبرن وزارت خلاف قومي اسيمبلي ۾ تحريڪ استحقاق جمع ڪرائي ڇڏي. قومي اسيمبلي ميمبرن قومي اسيمبلي جي ميمبر اياز صادق سان رابطو ڪيو ۽ چيو ته اسيمبلي ميمبر پارليامينٽ لاجز جو ڪرايو ادا ڪندا آهن بجلي ۽ گيس جو بل به ڏيندا آهن. ميمبرن جو چوڻ هو ته چونڊن ۾ حصو وٺڻ کان اڳ سمورين ادائگين جي اين او سي جمع ڪرائڻ لازمي آهي، توانائي واري وزارت جي انهي مهم تي خاموشي ڏوهه آهي. اسيمبلي ميمبرن چيو ته توانائي واري وزارت کي فوري طور تي غلط خبرن جي ترديد ڪرڻ گهرجي ها، اسپيڪر اياز صادق ميمبرن کي خاطري ڪرائيندي چيو ته ميمبرن جي عزت تي ڪنهن به قسم جو سمجهوتو نه ٿيندو. ميمبرن جي عزت ۾ اضافو يقيني بنائيندس. ياد رهي ته گذريل ڏينهن اهي خبرون سامهون آيون هيون ته توانائي وزارت بيورو ڪريٽس، پارليامينٽرينز، ججز سميت سڀني جي مفت بجلي بند ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.

Leave A Comment