اظهار جي آزادي کي ڊجيٽل دهشتگردي چوڻ نقصانڪار هوندو، 71 سانحي مان سبق سکو: عمران خان

جُولاءِ 25, 2024

راولپنڊي(م ڊ) پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان چيو آهي ته سوشل  ميڊيا جي باري ۾ ڪجهه نه سمجهندڙ ماڻهو ڊجيٽل دهشتگردي جي ليبل لڳائي رهيا آهن. ڪجهه سالن ۾ فوج خلاف سوشل ميڊيا مهم ۾ اضافو ٿيو آهي، صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته منفي پروپيگنڊا ڦهلائڻ جي الزام ۾ صحافين ۽ سوشل ميڊيا صارفين خلاف ڪيتريون ئي گرفتاريون ۽ قانوني ڪارروايون ٿيون، عمران خان وڌيڪ چيو ته پوري پاڪستاني قوم کي دهشتگرد چوڻ قوم سان نفرت ڪئي پئي وڃي،1971  ۾ به ائين ٿيو هو 25 مارچ تي جڏهن يحيٰ ڍاڪا ۾ وڏي تعداد ۾ ماڻهو خلاف آپريشن ڪيو ته نتيجا ملڪ لاءِ سٺا نه نڪتا، آئين جي بالادستي ۽ حقيقي آزادي جو مطالبو ڪرڻ غداري ناهي.

Leave A Comment