سنڌ جي مختلف علائقن مان اڄ وڌيڪ 4 ڄڻا اغوا

مارچ 19, 2024

سنڌ جي مختلف علائقن مان اڄ وڌيڪ 4 ڄڻا اغوا، ڪرمپور ويجهو هٿياربندن ٿريشر ٺاهڻ جي 2 ڪاريگرن کي اغوا ڪري ورتو، عمران ۽ چنيسر پهوڙ انڊس هاءِ وي تي دوڪان ۾ ستل هئا ته هٿياربندن کين اغوا ڪيو، ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي پوليس اطلاع ملڻ تي پيرا کڻي ڪچي رواني، شڪارپور جي علائقي رستم ويجهو به سئي سدرن جو چوڪيدار ساٿي سميت اغوا، گئس ڪمپني جي ملازم عبدالستار ۽ گلشير سيٺار کي ڌاڙيل اغوا ڪري ويا، مغوين جي وارثن جو چوڻ آهي ته سحري لاءِ ماني کڻي پهتاسين ته خبر پئي ته کين اغوا ڪيو ويو آهي، شڪارپور ضلعي مان اغوا ٿيلن جو انگ وڌي 9 ٿي ويو

Leave A Comment