ڪرمپور مان وڌيڪ هڪ هندو واپاري ديس ڇڏي ڀارت روانو ٿي ويو

اپريل 17, 2024

ڪرمپور (ن پ ا ) ڪرمپور مان وڌيڪ هڪ هندو واپاري ديس ڇڏي ڀارت روانو ٿي ويو، ڪپڙي جو واپاري آڪاش ڪمار مڪڙيا فيملي سميت ڪرمپور مان لڏي ڀارت روانو ٿي ويو، آڪاش ڪمار مڪڙيا پنهنجي گهرواري ۽ نياڻي سميت جنم ڀومي کي ڇڏي ڀارت لڏي ويو، روانگي وقت ڪرمپور باءِ پاس تي آڪاش ڪمار دوستن ۽ شهرين کان ڀاڪر پائي موڪلايو،  ان وقت ماحول ڏکارو ٿي ويو، آڪاش ڪمار ڪرمپور کان لاهور رستي ڀارت روانو ٿي ويو ان موقعي تي آڪاش ڪمار جو چوڻ هو ته سنڌ سان بي انتها محبت وارو رشتو آهي ڌرتي ماءُ کي ڇڏڻ مشڪل آهي پر بدامني جي خوف گهڻو پريشان ڪيو آهي خوف سبب ڪاروبار به نه ٿا ڪري سگهون گهرڀاتي سدائين خوف ۾ ورتل هجن ٿا بدامني کان تنگ ٿي جنم ڀومي کي ڇڏي ڀارت وڃي رهيا آهيون.

Leave A Comment