جي ڊي اي وارا پيرپاڳاري جو ڪلهو استعمال ڪري رھيا آھن: سنڌ جو اڳوڻو وڏي وزير مراد علي شاهه

فيبروري 16, 2024

جي ڊي اي وارا پيرپاڳاري جو ڪلهو استعمال ڪري عوام کي تڪليف ڏئي رهيا آهن، جي ڊي اي جي ڌرڻن سان فائدو نه پر نقصان ٿيندو، کٽيل اميدوارن کي حلف کڻڻ کان روڪڻ جي ڌمڪين کي ڏسڻ نگران حڪومت جي ذميواري آهي: سنڌ جي اڳوڻي وڏي وزير مراد علي شاهه جون ٽائيم نيوز سان ڳالهيون، مراد علي شاهه چيو ته ڄامشورو حيدرآباد موٽر وي تي لڳايل ڌرڻي ۾ جي ڊي اي جا ڪارڪن نه پر پير پاڳاري جا مريد پنهنجي مرشد جو ديدار ڪرڻ آيا آهن، سنڌ جو عوام جي ڊي اي کي رد ڪري چڪو آهي، جي ڊي اي وارن کي ڪا شڪايت هئي ته اليڪشن ڪميشن يا عدالتن ۾ ڇو نه ويا؟ ملڪ هڪ ٻي اليڪشن جي سٽ نه ٿو سهي سگهي

Leave A Comment