شھدادڪوٽ ۾ جوا جا اڏا بند نه ٿيڻ تي پاڻ ساڙيندڙ نوجوان جي فوت ٿيڻ بعد ڪيس داخل، ڪائونسلر گرفتار

جُون 20, 2024

شھدادڪوٽ (رپورٽر) شھدادڪوٽ ۾ 12ڏينهن اڳ عدالت اڳيان پاڻ کي باھه ڏيندڙ نوجوان زخمن جا سور نه سھندي ڪراچي جي جناح اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، 12ڏينهن شھر جي شمبوزئي پاڙي جي رھواسي نوجوان ساجد شمبوزئي بروھي شھر ۾ ھلندڙ جوا جي اڏن ۽ منشيات جا اڏا بند ڪرائڻ لاءِ سول جج ون شھدادڪوٽ جي عدالت ۾ درخواست داخل ڪرائي ھئي، عدالت پاران درخواست رد ڪرڻ بعد نوجوان ساجد شمبوزئي بروھي عدالت جي دروازي اڳيان پاڻ مٿان پئٽرول ھاري باھه ڏني هئي، نوجوان کي علاج لاءِ ڪراچي جي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو هو جتي هن دم ڏنو، اي  سيڪشن ٿاڻي تي نوجوان ساجد علي شمبوزئي بروھي جي چاچي سردار علي شمبوزئي بروهي جي فرياد تي جوا جو اڏو ھلائڻ جي الزام هيٺ آيل تعلقي ميونسپل ڪاميٽي جي ڪائونسلر تکو عرف محمد ياسين رند، سندس ڀائرن منظور رند، شڪيل رند ۽ لطيف رند تي ڪيس داخل ڪيو ويو، پوليس ڪائونسلر محمد ياسين رند کي گرفتار ڪري لاڪ اپ ڪري ڇڏيو، گرفتار ڪائونسلر محمد ياسين رند ٻڌايو ته منهنجو ڪو به جوا جو اڏو نه آهي، منهنجي ڀائيٽي جو سنوڪر ڪلب گيم جو دڪان آهي، هن چيو ته تعلقي ميونسپل ڪاميٽي شھدادڪوٽ  جي وارڊ نمبر 11 جو عوام طرفان چونڊيل ڪائونسلر آهيان، منهنجي سياسي مخالفت جي بنياد تي ڦاسائڻ لاءِ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.

Leave A Comment