گنڊاپور انقلاب آڻڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، گولي جي جواب ۾ 10 گوليون هلائينداسين: وزيراعليٰ

سيپٽمبر 30, 2024

پشاور (م ڊ) خيبر پختونخواهه جي وزير اعليٰ علي امين گنڊاپور باضابطا طور تي انقلاب آڻڻ جو اعلان ڪندي چيو آهي ته ان کانپوءِ ڪو گولي هلائيندو ته ان تي گوليون هلايون وينديون. هڪ وڊيو بيان ۾ علي امين گنڊاپور چيو ته اڳ ۾ اسان جي عزتن، چادر چارديواري جو تقدس پامال ڪيو ويو پر اسان ملڪ خاطر دانهن نه ڪئي، هاڻ اسان تي گوليون هلايون پيون وڃن. هن چيو ته اسان جي ڪارڪنن کي گوليون هنيون ويون، اسان تي سڌا شيل هڻي ڪارڪنن کي زخمي ڪيو ويو، پنجاب جي حدن ۾ هر 3 ڪلو ميٽرن تي اسان تي شيل ۽ گوليون هلايون ويون. سندس چوڻ هو ته سڄو ملڪ اسان جو آهي، سڄي ملڪ کي مبارڪون ڏيڻ چاهيان ٿو، هن چيو ته ڪيترائي پوليس اهلڪار اسان جي هٿ چڙهيا پر مون انهن کي بچايو، پنجاب پوليس جا نوجوانو جيڪڏهن پنهنجي پيءَ جي اولاد آهيو ته بيان ڏيو اسان توهان کي ڇڏي ڏنو هو. علي امين گنڊاپور چيو توهان اسان تي هڪ گولي هلائيندئو ته اسان 10 هلائينداسين، توهان هڪ شيل ۽ لٺ هڻندئو ته اسان 10 هڻنداسين. هن ڪي پي جي عوام کي مخاطب ٿيندي چيو ته قبيلن ۾ جرڳا ڪيو، سڀ متحد ٿي وڃو، جيڪڏهن توهان چئو ٿا هي سڀ اسان جو آهي ۽ اهي اسان کي ماريندا ته پوءِ مرڻ لاءِ تيار ٿي وڃو، هي ڌمڪي نه منهنجو واضح پيغام آهي، هيءَ اصلاح جي آخري وارننگ آهي. سندس چوڻ هو ادارا قوم جو آواز نٿا بڻجي سگهن ۽ قوم جي راءِ جي عزت نٿا ڪري سگهن ته پاسي تي ٿي وڃن، عوام جا فيصلا عوام کي ڪرڻ ڏيو، سياستدانن کي سياست جا فيصلا ڪرڻ ڏيو، ادارا وچ ۾ نه اچن ۽ پوءِ ڏسن ته ڇا ٿو ٿئي، انقلاب جو اعلان ڪري رهيو آهيان، انقلاب کانسواءِ ٻيو ڪو حل ناهي.

Leave A Comment