گنڊاپور ڀڄي ويو، گرفتاري جو ڊرامو پڌرو ٿي ويو، ڪارروائي ضرور ٿيندي: وفاقي وزير

آڪٽوبر 7, 2024

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) علي امين گنڊاپور جي سامهون اچڻ کان اڳ وفاقي حڪومت علي امين گنڊاپور جي گرفتاري جي دعويٰ کي رد ڪيو، وفاقي گهرو وزير محسن نقوي چيو آهي ته علي امين گنڊاپور ڪي پي هائوس مان پاڻ فرار ٿي ويو، سندس فرار ٿيڻ جي وڊيو موجود آهي، هو وفاقي پوليس سوڌو ڪنهن به اداري وٽ ناهي، محسن نقوي چيو ته شڪ هو ته علي امين گنڊاپور ڪي پي هائوس ۾ موجود هوندو، اُتي 2-3 ڇاپا هنيا پر گنڊاپور نه هو، ڪي پي هائوس مان علي امين گنڊاپور جي فرار ٿيڻ جا فوٽيجز موجود آهن، علي امين گنڊاپور جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا آهن، اسلام آباد پوليس کيس ڳولي ٿي، اسان مختلف هنڌن تي ڇاپا ۽ ناڪابندي پڻ ڪئي. جتي به هو ملندو ان خلاف ڪاروائي ڪئي ويندي. گنڊاپور جي منظرعام تي اچڻ بعد محسن نقوي چيو ته پوليس جڏهن ڇاپو هنيو ته گنڊاپور نڪري ويو هو، اسان سندس اچڻ ۽ وڃڻ واريون وڊيوز جاري ڪيون، ناڪابندي ڪئي هئي پوءِ گنڊاپور نڪري ويو، پي ٽي آءِ قيادت مستقبل ۾ رڳو ڪارڪنن کي جيل موڪليندي، قيادت جلسي جو وقت ڏئي گهر ويهي رهندي آهي. سڌ سماءَ واري وفاقي وزير عطاءَ تارڙ گنڊاپور جي ظاهر ٿيڻ بعد ردعمل ڏيندي چيو ته علي امين گنڊاپور 24 ڪلاڪ ڪٿي هو، هي ڊرامو ڇو ڪيو ويو؟ لڪي ٻيهرڪيئن ڪي پي هائوس ويو، گنڊاپور امن امان تباهه ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، مهم هلائي وئي ته گنڊاپور کي گرفتار ڪيو ويو آهي، کيس گم ڪيو ويو آهي، گمشدگي جو ڊرامو ڪيو ويو، گنڊاپور پنهنجي ڪارڪنن کي ڇڏي ڀڄي ويو، هنن جو ڪوڙ پڌرو ٿي ويو،  وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار رانا ثناءُالله چيو ته گنڊاپور مٿي کان پير تائين سڄو ڊرامو آهي، اسيمبلي پهچي ڊرامو ڪيو، هي ملڪ دشمن آهن، هي پاڪستان کي بدنام ڪرڻ چاهين ٿا، هي فتنو آهن، هن کان پڇو ته ڪهڙا 12 ضلعا ڪٿان ڪراس ڪيا، ڇا ڪراچي پهچي ويو هو؟ اسلام آباد کان چار پنج ڪلوميٽرن تي ڪي پي جون حدون شروع ٿي وڃن ٿيون، ڪٿان 12 ضلعا پار ڪري ڪي پي پهتو؟ گنڊاپور چنگي 24 کان غائب ٿيو، ڪي پي هائوس پهتو ۽ فوري طور ئي اتان نڪري ويو، ڪالهه ئي اطلاع هئا ته ڪي پي پهچي ويو آهي.

Leave A Comment