گنڊاپور جي غنڊا گردي نه هلندي: سنڌ اسيمبلي مان ٺهراءُ منظور: پ پ ۽ پي ٽي آءِ ۾ ڏند چڪ

سيپٽمبر 11, 2024

ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)سنڌ اسيمبلي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ٺهراءُ اڪثريت سان منظور ڪري ورتو، ايم ڪيو ايم پاران به ٺهراءُ جي حمايت،  ٺهراءُ پيش ٿيڻ دوران پ پ ۽ پي ٽي آءِ ميمبرن وچ ۾ ڏند چڪ ٿي پئي، ڪالهوڪي اجلاس ۾ پ پ ايم پي اي سعديه جاويد خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، ٺهراءُ ۾ چيو ويو آهي ته اسلام آباد جي جلسي ۾ گنڊاپور عورتن ۽ صحافين خلاف جاهلاڻي ۽ مذمت جوڳي ٻولي استعمال ڪئي، ايوان جي اڪثريت پاران اهو ٺهراءُ منظور ڪيو ويو. ٺهراءُ تي ڳالهائيندي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته هڪ صوبي جي وڏي وزير پاران عورتن ۽ صحافين خلاف اخلاق کان ڪريل ٻولي استعمال ڪرڻ انتهائي مذمت جوڳو عمل آهي، هي ڏوهه علي امين گنڊاپور جو نه پر سندس ليڊر جو آهي جنهن  کيس اهڙي سکيا ڏني آهي، هن وڌيڪ چيو ته پپيلزپارٽي آفتاب شعبان ميراڻي، سيد قائم علي شاهه ، عبدالله شاهه ۽ مرادعلي شاهه کي وڏو وزير بڻايو پر پي ٽي آءِ اهڙن ماڻهن کي عهدا ڏيندي آهي، جيڪو وڏو بدتميز هجي. اجلاس ۾ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني علي امين گنڊاپور کي ڌمڪي ڏيندي چيو ته جيڪڏهن گنڊاپور پٺاڻ آهي ته منهنجن رڳن ۾ به سنڌي پٺاڻ جو رت ڊوڙي رهيو آهي، جيڪڏهن  گنڊاپور هتي آيو ته سندس حشر خراب ٿيندو، آغا سراج دراني جي تقرير دوران پي ٽي آءِ ميمبر بينچن تان اٿي بيٺا، انهي دوران پي ٽي آءِ ايم پي اي شبير قريشي ۽ آغا سراج دراني ڏند چڪ پڻ ڏنا. ايوان ۾ ڳالهائيندي پ پ ايم پي اي هير سوهو چيو ته گنڊاپور گندو انڊو آهي. پي ٽي آءِ جي حمايت يافته  ايم پي اي سجاد علي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو ۽ سيپڪو خلاف ٺهراءُ پيش ڪيو، جيڪو  متفقه طور تي منظور ڪندي ڪي اليڪٽرڪ، حيسڪو سيپڪو جي عملدارن کي سنڌ اسيمبلي جي 11 رڪني ڪاميٽي آڏو گهرائي کانئن پڇاڻو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو.

Leave A Comment