گنڊاپور جي افغانستان سان ڳالهين جي حمايت، انهن کي علي امين جا پير پڪڙڻ گهرجن ها: عمران خان
سيپٽمبر 14, 2024
راولپنڊي (م ڊ) تحريڪ انصاف باني عمران خان ڪي پي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي افغانستان سان سڌي ريت ڳالهين جي بيان جي حمايت ڪندي چيو آهي ته انهن کي ڪي پي جي وڏي وزير جا پير پڪڙڻ گهرجن ها ته خدا جي واسطي وڃي افغاستان سان ڳالهيون ڪيو، گنڊاپور کي اسٽبلشمينٽ غائب ڪيو، هو انهن جو ڀرم رکي ڪجهه ڳالهائي نٿو، افغانستان ۾ لاڳاپن ۾ بهتري تائين دهشتگردي ۾ ڦاٿل رهنداسين. راولپنڊي جي اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي عمران خان چيو ته پرڏيهي کاتي کي ڇڏيو، خيبر پختونخواهه دهشتگردي سبب سڀ کان وڌيڪ متاثر آهي،سندس چوڻ هو ته پوليس اهلڪار بغاوت تي لهي پيا آهن، پوليس هر هنڌ احتجاج ڪري رهي آهي، 24 سالن کان دهشتگردي خلاف جنگ وڙهي رهيا آهيون، ملڪ ۾ دهشتگردي جو خاتمو پهرين ترجيح هجڻ گهرجي، دهشتگردي کي ڪنٽرول نه ڪيو ويو ته ملڪي معيشت تباهه ٿي ويندي. هن چيو ته سڀ کان گهٽ دهشتگردي پي ٽي آءِ جي دور ۾ ٿي، جيڪڏهن ڪير دهشتگردي ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ته ان سان سهڪار ڪيو، علي امين ملڪ جي فائدي جي ڳالهه ڪئي آهي، علي امين وڃڻ جي ڳالهه ڪئي آهي، هن ڪو ٽائم ته فڪس ناهي ڪيو، هن ڪهڙي غلط ڳالهه ڪئي آهي؟