حيدرآباد ۾ وري گئس سلينڊر جو ڪاروبار شروع، رشوت وٺندڙ 2 اهلڪار ڪوارٽر گهاٽ

جُولاءِ 11, 2024

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) پريٽ آباد ۾ گئس سيلينڊر ڌماڪي دوران 27 ڄڻن جي فوت ٿيڻ بعد حيدرآباد ۾ ايل پي جي گئس سيلينڊر جي وڪري تي پابندي باوجود هٽڙي ٿاڻي جي حد ۾ گئس سلينڊر جو ڪاروبار ڳجهه ڳوهه ۾ کلي ويو آهي ذريعن جو چوڻ آهي ته هوٽل توڙي دڪانن ۽ گهرن ۾ ايل پي جي گئس استعمال ڪندڙ صارفين ڄاڻايل علائقي ۾ پهچي سيلينڊر ڀرايو وڃن اهڙي قسم جي وڊيو به وائرل ٿي آهي جنهن ۾ سيلينڊر سان ڀريل هڪ ڊاٽسن گاڏي جي ڊرائيور ۽ مالڪ کان روڊ ڪراس ڪرڻ لاءِ اهلڪار مبينا طور رشوت پيا وٺن ۽ رشوت وٺڻ واري وڊيو سوشل ميڊيا تي به وائرل ٿي آهي وڊيو بابت هٽڙي ٿاڻي جي ايس ايڇ او اسلم بلو تصديق ڪئي ته ايس ايس پي فرخ علي لنجار معاملي جو نوٽيس وٺندي وڊيو ۾ نظر ايندڙ ٻنهي اهلڪارن کي ڪوارٽر گهاٽ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي ايس ايڇ او موجب ته مبينا رشوت وٺندڙ اهلڪار هٽڙي ٿاڻي جا نه پر 15 پوليس جا آهن ايس ايڇ او هٽڙي موجب ته کين اهلڪارن شروعاتي بيان ۾ ڄاڻايو آهي ته اها وڊيو عيد الاضحي کان اڳ جي آهي پر انهن کين اهو سبب پڇيو ته اوهان کي پئسا وٺڻ جي ڪنهن اجازت ڏني هئي ايس ايڇ او بار بار معلوم ڪرڻ تي ڪنهن به پوليس اهلڪار جو نالو نه ٻڌايو هوڏانهن سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل وڊيو ۾ واضح طور نظر اچي ٿو ته 2 اهلڪار گاڏي ۾ ويٺل ڊرائيور ۽ سيلينڊر کڻي ويندڙ سان ڪجهه دير روڊ تي بيهي بارگين ڪن ٿا ۽ بعد ۾ گاڏي ۾ سوار ماڻهن کان پئسا وٺي کين روانو ڪري پاڻ به موٽرسائيڪل تي سوار ٿي روانا ٿي وڃن ٿا سوشل ميڊيا تي وڊيو شيئر ڪندڙ ماڻهن جو چوڻ آهي ته اها وڊيو هٽڙي ٿاڻي جي حد قومي شاهراهه جي آهي. واضح رهي ته ڪجهه عرصو اڳ نوراني بستي ۾ گئس سيلينڊر ڌماڪي دوران 27 ڄڻا اجل جو شڪار ۽ ڪيترائي ماڻهون زخمي ٿيا هئا. ضلعي انتظاميا معاملي جو نوٽيس وٺندي سموري شهر ۾ گئس سيلينڊر جو ڪاروبار بند ڪرائي ڇڏيو .

Leave A Comment