گئس سلنڊرز جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع
مَي 31, 2024
حيدرآباد ۾ گئس سلنڊرز جي ڌماڪن ۾ وڏي جاني نقصان کانپوءِ انتظاميا جاڳي پئي، گئس سلنڊرز جو غير قانوني ڪاروبار ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون شروع، قاسم آباد ۾ ايل پي جي جو مبينا طور غير قانوني ڪاروبار ڪندڙ 15 دوڪان سيل، اسسٽنٽ ڪمشنر قاسم آباد ۽ مختيارڪار گڏيل ڪارروائي ڪندي دوڪان سيل ڪيا، لطيف آباد ۾ به ايل پي جي سلنڊرز جو ڪاروبار ڪندڙ 3 دوڪان سيل، 3 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو، اسسٽنٽ ڪمشنر لطيف آباد ڪارروائي ڪندي لطيف آباد نمبر 4 ۾ دوڪان سيل ڪرايا