سکر بئراج جو 47 هون گيٽ 20 جولاءِ تائين لڳندو:7 ئي واهن کي هفتي اندر پاڻي ڏبو: آبپاشي وزير
جُون 25, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي)آبپاشي واري صوبائي وزير ڄام خان شوري سکر بئراج جي گيٽ 44 جو مرمتي ڪم مڪمل ٿيڻ دعويٰ ڪندي چيو آهي ته لڙهي ويل گيٽ نمبر 47 پڻ 20 جولاءِ تائين لڳي ويندو، هن وقت ڪافر ڊيم جو 50 سيڪڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هفتي اندر بئراج کي آپريشنل ڪري 7 ئي واهن کي پورو پاڻي ڏنو ويندو، هن چيو ته سکر بئراج جا تبديل ٿيندڙ 56 ئي دروازا آٽو ميٽڪ هوندا. ڪالهه سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ سکر بئراج بابت بريفنگ ڏيندي هن چيو ته سکر بيراج 25 لک هيڪٽر ايراضي کي آباد ڪري ٿو، 1932ع کان اڳ سنڌ ۾آبپاشي جو جٽادار نظام نه هو، برطانوي سرڪار گڏيل پنجاب اندر بيراجون ٺاهڻ شروع ڪيون، جنهن سبب 1890 ۾ سنڌ ۾ پاڻي کوٽ شروع ٿي، جنهن بعد برطانوي حڪومت سنڌ ۾ سکر وٽ پهريون بئراج ٺاهڻ جو فيصلو ڪيو، هڪ راءِ آهي ته برطانوي سرڪار بهتر ڪم ڪيو، ٻي راءِ انهي جي ابتڙ آهي ته آبپاشي جي قدرتي نظام کي جاري رکيو وڃي ها، هن چيو ته سکر بئراج جا 66 گيٽ ۽ 7 ڪئنال ٺاهيا ويا آهن، شروعات ۾ رائيس، کير ٿر ۽ دادو ڪئنالن ۾ پاڻي نه وڃي رهيو هو. رائيٽ بينڪ تي واريءَ بيهڻ سبب هڪ ٻيٽ ٺهي ويو، جنهن تي انگريزن 10 گيٽ بند ڪري مسئلو حل ڪيو، بيراج ٺهڻ بعد پهريون مسئلو 1982ع ۾ آيو، جڏهن هڪ گيٽ ٽُٽي پيو هو، ان وقت پيپلز پارٽي جي حڪومت نه هئي، 1992ع ۾ سمورا گيٽ تبديل ڪيا ويا تڏهن به پيپلز پارٽي جي حڪومت نه هئي،2018ع ۾ ٻيهر هڪ مسئلو سامهون آيو، 2020ع ۾ هڪ اسٽڊي مڪمل ٿي، جنهن ۾ ٻڌايو ويو ته 6 گيٽ هنگامي بنيادن تي تبديل ڪيا وڃن، اهي گيٽ 2022ع ۾ پيپلز پارٽي جي دور ۾ ٻن سالن اندر تبديل ڪيا ويا، بعد ۾ بئراج جا سمورا گيٽ بدلائڻ لاءِ انٽرنيشنل بِڊنگ ( عالمي واڪ) ڪرائي وئي، فيبروري 2023ع ۾ چيني ڪمپني اهو ڪم حاصل ڪيو، هن چيو ته 1992ع ۾ پراڻي مڪينزم تحت گيٽ تبديل ٿيا هئا، هن چيو ته بيراج کي 100 سال کان وڌيڪ وقت ٿي ويو آهي، هن چيو ته 20 جون تي ٽٽل گيٽ 1992ع ۾ تبديل ڪيو ويو هو، هن چيو ته سکر بئراج جي گيٽ نمبر 47 تي هنگامي بنيادن تي ڪم هلي رهيو آهي، هن چيو ته ايل بي او ڊي پيپلز پارٽي نه ٺاهي هئي، ايل بي او ڊي سبب پاڻي جو فطري رخ تبديل ٿيو، آئون ايوان ۾ ويٺل ميمبرن کي دعوت ڏيان ٿو ته اهي ايل بي او ڊي جو معائنو ڪن، سال 2022 جي ٻوڏ دوران 3500 کان وڌيڪ گھارا لڳا هئا، جن کي وقت سر ٻڌو ويو، هن 91ع واري پاڻي ٺاھ ۾ خاميون هونديون، انهي معاهدي تي شروع کان عمل ناهي ٿيو، ارسا جو پاڻي ورڇ تي عمل ڪرائڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به ڪم ناهي، هن چيو ته جنرل مشرف جي دور ۾ ٽهِ رُخو فارمولا آندو ويو، ٽهِ رُخي فارمولا جو پاڻي جي معاهدي سان ڪو به تعلق ناهي، هن چيو ته جنرل مشرف پنهنجي دور ۾ چيو هو ته ڪالاباغ ڊيم ٺهندو. جڏهن سنڌو ۾ پاڻي ئي نه هو ته ڪالاباغ ڊيم ڪيئن ٺهندو؟ سنڌ جو ڪالاغ ڊيم خلاف ڀرپور احتجاج سامهون آيو، هن چيو ته هن وقت سسٽم ۾ واڌو پاڻي موجود ئي ناهي، ان وقت اپ اسٽريم ۾ نوان ڪئنال ٺاهڻ جي ڳالهه ڪئي ويندي ته سنڌ سُڪي ويندي