غزه ۽ لبنان تي اسرائيلي بمباري: 140 ماڻهو مارجي ويا، جنگبندي ڪوششن ۾ اڳڀرائي ٿي آهي: آمريڪا
نومبر 2, 2024
بيروت/ غزه / واشنگٽن(م ڊ) اسرائيلي فوج جاغزه ۽ لبنان ۾ حملا، 140 فلسطيني ۽ لبناني شهري مارجي ويا، پرڏيهي ميڊيا موجب اسرائيلي فوج اتر غزه ۾ حملا جاري رکيا گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪيل حملن ۾ 95 فلسطيني شهيد ٿي ويا، لبنان جي گادي واري هنڌ بيروت ۾ عوام کي 2 علائقا فوري خالي ڪرڻ جو حڪم ڏيندي حملن جي تياري شروع ڪئي وئي، 24 ڪلاڪن ۾ حملن دوران 6 ميڊيڪل ورڪرز سميت 45 لبناني شهري مارجي ويا، ان کان علاوه شام ۾ لبناني سرحد ويجهو به اسرائيل حملو ڪيو جنهن ۾ 10 شهري شهيد ٿي ويا، ٻئي طرف آمريڪي پرڏيهي وزير جو چوڻ آهي ته اسرائيل – حزب الله جنگبندي جي ڪوششن ۾ سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي