عام چونڊون ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست خارج

فيبروري 21, 2024

سپريم ڪورٽ عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ واري درخواست خارج ڪري ڇڏي
سپريم ڪورٽ پاران درخواست گذار تي پيش نه ٿيڻ سبب 5 لک روپيا ڏنڊ لاڳو ڪيو ويو آهي
چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ٻڌڻي هلائي، رٽائرڊ برگيڊئر علي خان نالي شهري ڌانڌلين ۽ فراڊ جا الزام هڻندي 8 فيبروري جي عام چونڊن کي ڪالعدم قرار ڏيڻ جي استدعا ڪئي هئي
چيف جسٽس سوال ڪيو ته علي خان ڪير آهي؟ ايڊيشنل اٽارني جنرل چيو ته علي خان اڳوڻو برگيڊيئر آهي جنهن جو 2012 ۾ ڪورٽ مارشل ٿيو هو، هن سان رابطو نه ٿي سگهيو، هن بحرين وڃڻ جي اي ميل سپريم ڪورٽ ڏانهن اماڻي هئي
عدالت ۾ موجود پي ٽي آءِ اڳواڻ شوڪت بسريٰ ڳالهائڻ جي ڪوشش ڪئي ته چيف جسٽس کيس روڪي ڇڏيو، بار بار ڳالهائڻ تي چيف جسٽس شوڪت بسريٰ جو لائسنس رد ڪرڻ ۽ توهين عدالت جي ڪارروائي جي وارننگ ڏني
چيف جسٽس چيو ته ائين نه ٿو ٿي سگهي ته درخواست گذار پاڻ نه اچي ۽ ٻي پارٽي کي رستو ڏيکاري ته هن درخواست ذريعي عدالت اچو، سڀني گڏجي سپريم ڪورٽ کي مذاق بڻايو آهي
عدالت درخواست خارج ڪري ڇڏي، عدالت حڪمنامي ۾ چيو ته رياست يقيني بڻائي ته ڪورٽ مارشل ٿيل شخص برگيڊيئر جي رينڪ استعمال نه ڪري

Leave A Comment