جنرل فيض اثاثو هو ضايع ڪيو ويو، جنرل باجوه ايڪسٽينشن لاءِ کيس هٽائي اداري کي پي ٽي آءِ پويان لڳايو: عمران خان

آگسٽ 16, 2024

راولپنڊي (م ڊ) باني پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته فيض حميد اسان جو اثاثو هو، کيس ضايع ڪيو ويو، فيض حميد کي هٽائڻ نه پئي چاهيو، هُو طالبان ۽ افغان سرڪار سان انگيج هو، فيض حميد زلمي خليل زاد ۽ طالبان کي مون وٽ وٺي آيو هو

اڊيالا جيل ۾ صحافين سان ڳالهائيندي پي ٽي آءِ باني چيو ته جنرل باجوه پنهنجي ايڪسٽينشن لاءِ فيض حميد کي هٽايو ۽ اسان جي حڪومت ڪيرائِي، آءِ ايس آءِ کي پي ٽي آءِ پويان لڳايو ويو، بار بار باجوه کي چيو هو ته فيض حميد کي نه هٽايو، نواز شريف ۽ شهباز شريف جو شرط هو ته جنرل فيض کي هٽايو، عمران چيو ته خواجه آصف چوي ٿو ته جنرل باجوه ايڪسٽينشن گهري رهيو هو، اها منهنجي موقف جي تائيد آهي، هاڻي جيڪا دهشتگردي ٿي رهي آهي

اُن جو ذميوار باجوه کي قرار ڏيان ٿو، فيض حميد کي هٽائڻ تي جنرل باجوه سان تِکو ٿي ويو هئس، جيڪڏهن جنرل فيض 9 مئي واقعا ڪرايا ته اُن جي جاچ ٿيڻ گهرجي، فيض حميد سان منهنجو تعلق ناهي، فوج جنرل رٽائرڊ فيض جو احتساب ڪرڻ چاهي ٿي ته ڪري اهو فوج جو اندروني معاملو آهي

سڀني جو احتساب ڪري، آءِ بي رپورٽس هيون ته موجوده اسپيڪر پنجاب اسيمبلي ملڪ احمد خان هر وقت جنرل باجوه وٽ ويٺل هوندو هو، سمورو معاملو منهنجي گرفتاري کان شروع ٿيو ان جي جاچ ڇو نٿي ڪئي وڃي، 9مئي لنڊن پلان جو حصو هو، عمران چيو ته مخصوص سيٽن جي فيصلي تي عمل نه ڪري ٽيون ڀيرو آئين جي ڀڃڪڙي ڪئي پئي وڃي، پارٽي کي تيار ڪري رهيو آهيان، اسان روڊن تي نڪرنداسين

Leave A Comment