جنرل فيض بعد 2اڳوڻا برگيڊيئر ۽ هڪ ڪرنل فوج هٿان گرفتار، ڪورٽ مارشل جو اعلان، سياسي ڳٺ جوڙ بابت پڇاڳاڇا
آگسٽ 16, 2024
.راولپنڊي(م ڊ) اڳوڻي ڊي جي آءِ ايس آءِ ليفٽيننٽ جنرل رٽائرڊ فيض حميد جي ڪورٽ مارشل جي سلسلي ۾ وڌيڪ ٽن رٽائرڊ آفيسرن کي فوجي تحويل ۾ ورتو ويو، آءِ ايس پي آر طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته ٽن رٽائرڊ فوجي آفيسرن کي ضابطن جي ڀڃڪڙي جي سلسلي ۾ تحويل ۾ ورتو ويو، رٽائرڊ آفيسرن ۽ سندن ساٿين کان وڌيڪ جاچ جاري آهي.آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ٽئي رٽائرڊ آفيسر سياسي مفادن خاطر ۽ ملي ڀڳت سان عدم استحڪام کي هوا ڏئي رهيا هئا. ذريعن موجب، فوجي تحويل ۾ ورتل ٽنهي آفيسرن جا نالا سامهون اچي ويا آهن، گرفتار آفيسرن ۾ 2 رٽائرڊ برگيڊيئر ۽ هڪ رٽائرڊ ڪرنل شامل آهن ذريعن موجب، گرفتار ڪيل اڳوڻن فوجي آفيسرن ۾ بريگيڊيئر (ر) غفار، بريگيڊيئر (ر) نعيم ۽ ڪرنل رٽائرڊ عاصم شامل آهن، ٽئي آفيسر پيغام رسائڻ جو ڪم ڪندا هئا. ذريعن جو چوڻ آهي ته گرفتار ٻنهي رٽائرڊ بريگيڊيئرز جو تعلق چڪوال سان آهي، ٻئي آفيسر رٽائرمينٽ کانپوءِ سياسي پيغام پهچائڻ ۽ سهولتڪاري ۾ ملوث هئا، ٽنهي آفيسرن سياسي پارٽي ۽ فيض حميد وچ ۾ رابطا ڪاري ۾ شامل هئا. ياد رهي ته پاڪ فوج ٻه ڏينهن اڳ آءِ ايس آءِ جي اڳوڻي سربراهه جنرل (ر) فيض حميد کي گرفتار ڪيو هو
گرفتاري جي ترديد: جنرل فيض معاملي سان ڪو واسطو ناهي: ثاقب نثار
اسلام آباد (م ڊ) جنرل ريٽائرڊ فيض حميد جي گرفتاري تي رد عمل ڏيندي اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار چيو آهي ته فيض حميد جي گرفتاري جي حوالي سان منهنجو ڪو واسطو ناهي. نجي ٽي وي سان ڳالهائيندي ثاقب نثار چيو ته سوشل ميڊيا تي منهنجي گرفتاري بابت ڪوڙ پکيڙيو پيو وڃي، ملڪ ۾ موجود ئي نه آهيان ته گرفتاري جون ڳالهيون هٿ ٺوڪيون آهن، ڪجهه ڏينهن اڳ ذاتي ڪم جي ڪري پرڏيهه آيو آهيان. هن چيو ته منهنجي غير موجودگي ۾ ڳالهيون ڪيون پيون وڃن، سيپٽمبر ۾ ڏيهه واپس ايندس