جنرل فيض جي گرفتاري جو مقصد مون کي ملٽري ڪورٽ کڻي وڃڻ آهي، کيس منهنجي خلاف سلطاني شاهد بڻايو ويندو: عمران خان

آگسٽ 20, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ عمران خان چيو آهي ته جنرل فيض حميد جي گرفتاري جو ڊرامو منهنجو ڪيس ملٽري ڪورٽ ۾ کڻي وڃڻ جي لاءِ ڪيو پيو وڃي. هي سڀ ملٽري ڪورٽ جا چڪر هلي رهيا آهن. انهن کي خبر آهي ته منهنجي خلاف سمورا ڪيس ڪوڙا ۽ بي بنياد آهن، جنرل باجوه مون کي پٺي ۾ ڇرو ٽنبيو، جيڪي سسٽينڊ نه ڪندا. هي فيض حميد کي منهنجي خلاف واعدا معاف گواهه بڻائيند

ااڊيالا جيل ۾ صحافين سان غير رسمي ڳالهه ٻولهه ڪندي اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته هي جنرل فيض حميد کان ڪجهه نه ڪجهه چورائڻ چاهين ٿا ته 9 مئي سازش هئي جيڪو سازش ڪندو آهي اهو جوڊيشل ڪميشن جو مطالبو ناهي ڪندو. رجيم چينج اسان جي خلاف ٿيو، ۽ مون کي ئي جيل ۾ وڌو ويو، هي چئي رهيا آهن جنرل فيض حميد ماسٽر مائينڊ هيو انهن کي شرم نٿي اچي، هي چئي رهيا آهن ته جنرل فيض بشريٰ بي بي کي هدايت ڏيندو هيو، مون کي ڪا پرواهه ناهي، جيڪڏهن جنرل فيض منهنجي خلاف ڪا گواهي ڏئي ٿو

اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته مون جنرل باوجوا جي مڪمل حمايت ڪئي پر ان منهنجي چيلهه چاقو هنيو، جنرل باجوا نواز شريف سان ڊيل ڪري جنرل فيض حميد کي عهدي سان هٽايو هو، مان جنرل فيض حميد جي حد تائين صرف اهو چئي رهيو آهيان ته هو طالبان سان ٽن سالن تائين ڳالهيون ڪري رهيو هو ان کي هٽائڻ نه گهرجي ها، مون جنرل باوجوا کي به چيو هو هن کي نه هٽايو. صحافي سوال ڪيو ته اوهان جي ملٽري ڪورٽ منتقل ٿيڻ سان پارٽي ٽٽي ويندي. ان تي اڳوڻي چيئرمين پي ٽي آءِ چيو ته پارٽي مضبوط کان مضبوط تر ٿي چڪي آهي. جيڪو اهو سوچي رهيا آهن اُهي بيوقوف آهن.

Leave A Comment