غوثپور ڀرسان شڪارپور واسي مغوي محمد رافع سميجو جو هٿ آيل لاش ڪنڌڪوٽ اسپتال منتقل
مارچ 7, 2024
ڪنڌڪوٽ جي ڪچي ۾ ڌاڙيلن ڀنگ نه ملڻ تي شڪارپور واسي مغوي رافع سميجو کي مبينا طور قتل ڪري ڇڏيو، ڌاڙيلن ٽريڪٽرن جي مستري رافع سميجو ۽ سندس ساٿي کي فون ڪري خراب ٽريڪٽر ٺهرائڻ بهاني گهرائي ٻنهي کي اغوا ڪيو هو، ٻنهي مغوين جي بازيابيءَ لاءِ ڌاڙيلن هڪ ڪروڙ ڀنگ گهريو هو، غريب وارثن چندا ڪري 16 لک روپيا ڌاڙيلن تائين پهچايا هئا، وارثن موجب ڌاڙيلن ٻنهي مغوين مان رافع سميجو کي تشدد جو نشانو بڻائي ماري ڇڏيو، پوليس تشدد ڪري ماريل مغوي جو لاش سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل ڪري ڇڏيو