غوثپور ۾وڌيڪ 2 نوجوان مبينا اغوا، انگ 4 ٿي ويو، ڌرڻو، انڊس هاءِ وي بلاڪ

آڪٽوبر 4, 2024

ڪرمپور/غوثپور (نمائندن وٽان) غوثپور ويجھو اٺ ڏينھن اڳ  تنگواني لنڪ روڊ تان اغوا ٿيل بگٽي برادري جا 2 نوجوان اسدالله بگٽي ۽ منظور بگٽي بازياب نه ٿي سگهيا، جڏهن ته بگٽي برادري جا وڌيڪ 2 نوجوان ھيئرالدين بگٽي ۽ عرفان بگٽي به ھٿياربندن ھٿان مبينا طور اغوا ٿي ويا،جنهن بعد انگ وڌي چار ٿي ويو آهي،  مغوين جي وارثن ۽ بگٽي برادري طرفان نوروز خان بگٽي، صدرالدين بگٽي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ انڊس هاءِ وي تي ڌرڻو هڻي 8 ڪلاڪ روڊ بلاڪ ڪري ڇڏيو، مظاهرين چيو ته 8 ڏينھن اڳ 2 نوجوانن کي اغوا ڪري مغوين جي ويڊيو وائرل ڪرڻ بعد مغوي مغوي اسد ۽   منظور بگٽي جي آزادي  لاءِ ڏھ ڪروڙ ڀنگ گھري وئي، هاڻي وري جوابدار  وڌيڪ ٻن نوجوانن ھيئرالدين بگٽي ۽ عرفان بگٽي جي کي به اغوا ڪري 2 ڪروڙ ڀنگ گهري رهيا آهن، پوليس ڪجھه ناهي ڪيو، مغوي بازياب ڪرايا وڃن، ٻي طرف  ڊي ايس پي ڪنڌڪوٽ ۽ ٻين ڏھ ڪلاڪن بعد پھچي مظاھرين سان ڳالھيون ڪري مغوين کي ھڪ ڏينھن اندر بازياب ڪرائڻ جي خاطري بعد روڊ کولرائي ڇڏيو.

ٺل ويجھو 2 مهينا اڳ اغوا ٿيل نوجوان بازياب

ٺل (ن پ ا) ٺل ويجهو ڳڙھي حسن ٿاڻي جي حد مان 2 مھينا اڳ اغوا ٿيل مغوي نوجوان صدام ڀٽي کي ڳڙهي حسن پوليس مبينا مقابلي بعد بازياب ڪرائڻ جي دعوي ڪئي آھي، پوليس موجب مغوي نوجوان کي آر ڊي 44 ٿاڻي جي حد مان بلوچستان منتقل ڪيو پئي ويو ته پوليس کي ڳجھو اطلاع ملڻ تي ڪارروائي ڪئي ۽ مغوي صدام ڀٽي کي ڌاڙيلن جي چنبي مان بازياب ڪرائي ورتو آهي، صدام ڀٽي موجب مونکي پوليس بازياب ڪرايو آهي،  ڀنگ ناھي ڀريو. جڏھن ته علائقي ۾ چوٻول آھن ته نوجوان جي بازيابي ڀنگ عيوض ٿي آھي.

Leave A Comment