غوثپور ويجهو لولئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 10 ڄڻا زخمي

آگسٽ 27, 2024

غوثپور (ن پ ا) غوثپور ويجھو ڳوٺ شمن لولئي ۾ لولئي برادري جي ٻن ڌرين ۾ رستي جي لنگھ تان جھيڙو ڀڙڪي پيو ٻنھي ڌرين پاران ھڪ ٻئي مٿان جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا، علائقي ۾ خوف پکڙجي ويو، جھيڙي جي نتيجي ۾ ٻنھي ڌرين جا ملوڪ لولئي، جبار، غلام علي ۽ شاھد لولئي سميت ڏھ ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا، واقعي جي اطلاع بعد حد جي پوليس واقعي واري ھنڌ رواني ٿي وئي، زخمين کي وارثن طرفان کڻائي شھر جي سرڪاري اسپتال ڏانھن منتقل ڪيو ويو جتي زخمين جو علاج ڪيو ويو، ان موقعي تي زخمين مان ھڪ ڄڻي ملوڪ لولئي جي حالت ڳڻتي جوڳي ھجڻ سبب کيس وارث لاڙڪاڻي اسپتال ڏانھن کڻائي ويا، جڏھن ته واقعي بعد ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي آھي ۽ ٻنھي ڌرين وچ ۾ وقفي وقفي سان فائرنگ جو پڻ سلسلو جاري رھيو، پوليس موجب ٻئي ڌريون پاڻ ۾ ويجھا مائٽ آھن، رستي جي لنگھه تان معمولي ڳالھه تي ڌرين ۾ واقعو پيش آيو آھي، ٻنھي ڌرين جي ڌار ڌار اين سي داخل ڪري پوليس پاران جاچ شروع ڪئي وئي آھي، ٻئي پاسي آخري اطلاعن تائين ڪا به گرفتاري عمل ۾ نه اچي سگھي ھئي.

Leave A Comment