گهوٽڪي: نصر الله گڏاڻي ڪيس ۾ ضمانت رد: خالد، شهباز ۽ نور محمد لنڊ عدالت مان فرار
آگسٽ 27, 2024
گهوٽڪي (رپورٽ: ماجد سنگهڙ) گهوٽڪي جي عدالت ۾ شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي، عدالت قتل ڪيس ۾ نامزد پ پ ايم اين اي ۽ سندس ٻن پٽن جي ضمانت رد ڪري ڇڏي، جوابدار عدالت مان فرار ٿي ويا، خبر موجب ميرپور ماٿيلو جي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي جي قتل ڪيس جي ٻڌڻي گهوٽڪي جي ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن عدالت ۾ ٿي، ان موقعي تي پ پ ايم اين اي خالد لنڊ پنهنجي ٻن پٽن ميرپور ماٿيلو ميونسپل ڪاميٽي چيئرمين شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ سميت عدالت پهتو، سيشن جج محفوظ ٿيل فيصلو ٻڌائيندي خالد لنڊ، شهباز لنڊ ۽ نور محمد لنڊ جون ضمانتون رد ڪري ڇڏيون، فيصلو ٻڌڻ بعد خالد لنڊ پٽن سميت عدالت مان کسڪي ويو، هوڏانهن شهيد صحافي جي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ڳالهائيندي چيو ته اسان کي مسلسل ڌمڪيون ملي رهيون آهن ته خالد لنڊ سان فيصلو ڪريو، اسان قانوني جنگ وڙهنداسين، اسان کي عدالتن مان انصاف جي اميد آھي، هن چيو ته شهيد ڀاءُ جي خون جو سودو نه ڪنداسين، خالد لنڊ سان راڄوڻي ٺاھ نه ٿيندو.
ماٿيلي ۾ وارثن جو ڌرڻو: پوليس تي جوابدار فرار ڪرائڻ جو الزام
ميرپورماٿيلو (ن پ ا) شھيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس ۾ پ پ ايم اين اي خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن جي ضمانت رد ٿيڻ بعد کي گرفتار نه ڪرڻ خلاف شهيد صحافي جي وارثن ايس ايس پي آفيس اڳيان احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ان موقعي تي ڀاءُ يعقوب گڏاڻي ۽ ڪيس جي شاهد صلاح گڏاڻي جو چوڻ هو شهيد جي قاتلن جي ضمانت رد ٿيڻ بعد پوليس هنن کي عدالت مان فرار ڪرايو آهي، هنن مطالبو ڪيو ته خالد لنڊ ۽ سندس ٻن پٽن کي فوري گرفتار ڪيو وڃي، هنن چيو پوليس عبدالله لنڊ ۽ برڪت لنڊ کي 3 مهينا گذرڻ باوجود گرفتار ناهي ڪيو، سمورا جوابدار گرفتار ڪري انصاف فراهم ڪيو وڃي.
پ پ ايم اين اي جي گارڊن ڪيمرامين کان موبائل فون کسي ورتو
گهوٽڪي: نصر الله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دوران عدالتي احاطي اندر خالد لنڊ جي سيڪيورٽي گارڊن ٽائيم نيوز جي ڪيمرامين عبدالروف سومرو کان موبائيل فون کسي ورتو ۽ پاڻ سان گڏ کڻي ويا.
عدالت گڏاڻي ڪيس ۾ دهشتگردي جا قلم شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو
گهوٽڪي: ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج جي عدالت ڪيس جي جاچ آفيسر پاران ايف آءِ آر مان دهشتگردي جا قلم ختم ڪرڻ ۽ خالد لنڊ جو نالو خارج ڪرڻ واري استدعا رد ڪندي ڪيس ۾ دهشتگرديءَ جا قلم شامل ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، عدالتي حڪم بعد هاڻي شهيد صحافي نصرالله گڏاڻي قتل ڪيس جي ٻڌڻي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ ڪئي ويندي.