گهوٽڪي پوليس ڌاڙيلن آڏو جهڪي وئي؟ ڌمڪين بعد 4 چوڪيون ختم، ڏهڪاءُ
آگسٽ 7, 2024
اوٻاوڙو (رپورٽ: فيض الله سميجو) اوٻاوڙو ڀرسان شهرين جي حفاظت لاءِ ڪچي ويندڙ رستن تي قائم ڪيل پوليس چوڪيون ڌاڙيلن جي ڌمڪين ۽ ٽن اهلڪارن جي شهيد ٿيڻ واري واقعي بعد ختم ڪيون ويون آهن، ڪچي جي ڏوهارين جي ڌمڪين بعد ايس ايس پي گهوٽڪي اهي پڪٽون ختم ڪرائي ڇڏيون، اوٻاوڙو شهر ڀرسان ڪچي جي ڏوهارين جي اچ وڃ کي روڪڻ لاءِ قائم ڪيل نارو واهه پل پڪٽ، لوهي پل پڪٽ، محمد پور پڪٽ ۽ جنرل نصير اختر پڪٽ ۽ ٻيون ختم ڪيو ويون، پوليس پڪٽون ختم ٿيڻ بعد هاڻي ڪچي جا ڏوهاري پڪي تي آساني سان اچي وڃي سگهن ٿا، جنهن ڪري اوٻاوڙو شهر سميت آس پاس جي علائقي ۾ خوف هراس واري صورتحال آهي، واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڏوهارين سوشل ميڊيا تي هڪ ويڊيو وائرل ڪئي هئي ته پوليس اسان جو چوپايو مال ماري وئي آهي ۽ سامان کڻي وئي آهي، اهو واپس ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ پڪٽن تي حملا ڪري اهلڪارن کي ماريو ويندو، جنهن بعد اهي چوڪيون ختم ڪيون ويون آهن، ان ڏس ۾ ايس ايس پي گهوٽڪي سان رابطي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر هن ڪال اٽينڊ نه ڪئي.