سنڌ ۾ پوڻا 2 لک هارين کي بينظير ڪارڊ ڏيڻ جو فيصلو: 13 ضلعن جي ڊيٽا لٽڪيل
اپريل 20, 2024
ڪراچي(رپورٽ: شاهد ميراڻي )سنڌ ۾ هڪ لک 70 هزار هارين ۽ آبادگارن کي هاري ڪارڊ ڏيڻ ۽ هاري ڪارڊ جو نالو بينظير هاري ڪارڊ طور بدلائڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ سنڌ ڪابينا پاران هاري ڪارڊ جاري ڪرڻ لاءِ صوبائي وزيرن تي مشتمل ڪاميٽي جي پهرين اجلاس ۾ پهرين مرحلي ۾ هڪ لک 70 هزار هاري ڪارڊ ٺاهڻ، هاري ڪارڊ کي بينظير هاري ڪارڊ جو نالو ڏيڻ سميت ٻيون تجويزون پيش ڪيون ويون، بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته روينيو کاتي کي 17 ضلعن جي هارين جي ڊيٽا ملي وئي آهي، زراعت واري صوبائي وزير محمد بخش مهر چيو ته هارين کي مختيارڪارکان ستين فارم جي تصديق ڪرائڻي پوندي، جيڪڏهن ڪو هاري پنهنجي زمين وڪرو ڪندو ته کيس حڪومت کي هاري ڪارڊ واپس ڪرڻو پوندو، هن چيو ته هاري ڪارڊ جو نالو بينظير هاري ڪارڊ رکيو وڃي، هاري ڪارڊ قدرتي آفتن ۽ ڪڻڪ جي خريداري ۾ هارين جي مدد ڪندو، هاري ڪارڊ تي هاري کي ٻج، ڀاڻ، يوريا، زرعي دوائن تي سبسڊي ۽ قدرتي آفتن دوران مدد ملندي. آبپاشي واري وزير ڄام خان شورو تجويز ڏيندي چيو ته پهرين مرحلي ۾ هڪ لک 70 هزار هارين لاءِ هاري ڪارڊ ٺاهيا وڃن، هن چيو ته ڪاميٽي ۾ پيش ٿيل سموريون تجويزون سنڌ ڪابينا آڏو رکنداسين. اجلاس ۾ زراعت واري سيڪريٽري رفيق ٻرڙو بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته زراعت کاتي پاران تعلقي سطح تي هاري سھولت ڪال سينٽر ۽ تعلقي ليول تي ڪاميٽيون ٺاھيون وينديون.