گولاڙچي جي سم نالن کي لڳل گهارا بند نه ٿيا، سئو ڳوٺ پاڻي هيٺ، هزارين ايڪڙ فصل تباهه، متاثر روڊن تي فاقا ڪاٽڻ لڳا
سيپٽمبر 6, 2024
بدين (رپورٽ: شفيع جوڻيجو) بدين ضلعي جي گولاڙچي تعلقي جي يونين ڪائونسل ترائي ۾ سم نالي آر ون ۽ آر ٿري ۾ لڳل گهارا 9 ڏينهن گذرڻ باوجود بند نه ٿي سگھيا، جڏهن ته هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن، ٻه هزار کان وڌيڪ ايڪڙ تي بيٺل تيار ٿيل سارين جو فصل ٻڏي ويو، ھزارين ڳوٺاڻا معصوم ٻارڙن ۽ عورتن سميت دربدر ٿي ويا
متاثر پاڻمرادو لڏ پلاڻ ڪري رھيا آھن، سوين متاثر مختلف روڊن ۽ شاخن جي ڪنارن تي پناهه وٺي ويهي رهيا آهن، ڳوٺاڻا سم نالي مان ايندڙ برساتي پاڻي مان پنهنجي مدد پاڻ ٻيڙين ذريعي ٻڏي ويل ڳوٺن مان نڪري محفوظ هنڌن ڏانهن منتقل ٿي رهيا آهن، متاثر ڳوٺ جمعو سميجو، عبدالله سميجو، بابر جلالاڻي، مٺو عمراڻي، سومار عمراڻي، عبدالله سميجو، رانجھو ڪولھي ۽ ڪرشن ڪولهي سميت هڪ سئو کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي آهن، سمن نالن کي لڳل گهارن کي بند ڪرڻ ۾آبپاشي کاتو مڪمل ناڪام ٿي ويو
9 ڏينھن ٿي ويا پر گهارا بند نه ٿيا، جڏھن ته متاثر سوين خاندانن جي ضلعي انتظاميا بدين ڪا به پرگهور نه لڌي آهي، متاثرن کي ٽينٽ، کاڌو، پيئڻ جو پاڻي ۽ دوائن سميت ڪجھه به نه ڏنو ويو آھي، ٻئي پاسي سم نالن کي لڳل گھارن جي رات جي پيٽ ۾ آبپاشي کاتي جو وزير ڄام خان شورو ۽ بدين رين ايمرجنسي لاءِ مقرر ٿيل فوڪل پرسن صوبائي وزير ذوالفقار علي شاھه متاثرن سان ملاقات ڪرڻ بنا واپس روانا ٿي ويا