حڪومت ۽ اپوزيشن ايوان هلائڻ لاءِ متحد: ميثاق پارليامينٽ جي تجويز: سرڪار ٻرندي تي تيل هاري پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندي: بلاول ڀٽو زرداري
سيپٽمبر 12, 2024
اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) پارليامينٽ کي هلائڻ لاءِ حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي اچي ويون، قومي اسيمبلي ۾ 16 رڪني ڪاميٽي جوڙڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، پ پ چيئرمين پاران اسپيڪر کي ڪردار ادا ڪرڻ جي تجويز، بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ملڪ کي هلائڻو آهي ته حڪومت ۽ اپوزيشن کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو، اسپيڪر پهرين ايوان پوءِ ملڪ کي فعال ڪري، اسحاق ڊار ۽ خواجه آصف حڪومت پاران سهڪار جي خاطري ڪرائي، خواجه آصف چيو ته هائوس کي گهرجي ته معاملو توهان جي حوالي ڪري، اسحاق ڊار چيو ته بلاول ڀٽو جي تجويز سان اتفاق ڪريون ٿا، حڪومت اِن معاملي ۾ مڪمل سهڪار ڪندي، اسپيڪر چارٽر آف پارليامينٽ جي تجويز ڏئي ڇڏي، اياز صادق چيو ته اسان جي قيادت ويهي يا نه، ڇا اسان پارليامينٽيرينز چارٽر آف پارليامينٽ تي صحيح نٿا ڪري سگهون؟ سُڌ سماءَ جي وفاقي وزير عطاء تارڙ چيو ته اِن معاملي تي سڄو ايوان اسپيڪر سان گڏ آهي. بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز تي پارليامينٽ جا معاملا هلائڻ لاءِ 16 رڪني ڪاميٽي جوڙڻ وارو ٺهراءُ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو، اسپيڪر اياز صادق بلاول جي تجويز جي آجيان ڪندي چيو ته ڇا اسان پارليامينٽيرينز ڪو چارٽر آف پارليامينٽ طئه نٿا ڪري سگهون؟ اڄ ڪاميٽي ٺاهي ڇڏيون ٿا ته جيئن اڄ کان ئي ڪم شروع ٿي وڃي، اسپيڪر اياز صادق چيو ته منهنجي وس ۾ جيڪي ڪجهه هو اهو ڪيو، گرفتارين واري معاملي تي قومي اسيمبلي جي سارجنٽ ايٽ آرمز اشفاق اشرف ۽ ٻين کي معطل ڪيو، وفاقي وزير عطاءَ تارڙ پاران ڪميٽي جي قيام لاءِ پيش ڪيل ٺهراءَ جي پي ٽي آءِ ميمبرز سميت ڪنهن به مخالفت نه ڪئي، دفاع واري وزير خواجا آصف، عطا تارڙ ۽ ٻين ميمبرز به بلاول ڀٽو زرداري جي تجويز جي واکاڻ ڪئي، محتده ۽ محمود اچڪزئي پاران به اسپيڪر کي ڪردار ادا ڪرڻ واري تجويز جي حمايت ڪئي. اسپيڪر ڪاميٽي لاءِ پارٽين کان نالا طلب ڪري ورتا. پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پي ٽي آءِ کي اسيمبلي نه ڇڏڻ جو مشورو ڏيندي چيو ته حڪومت فائر فائيٽنگ بدران ٻرنديءَ تي تيل هاريندي ته پنهنجو ڪم نه ڪري سگهندي، باني پي ٽي آءِ انتقامي ڪارروايون ڪيون، جيڪو ڪجهه پي ٽي آءِ باني ڪيو، اسان به اُهو ڪنداسين ته سڀاڻي اسان ۽ توهان جيل ۾ هونداسين، توهان اسيمبلي ميمبر آهيو ته سياست پنهنجي جاءِ تي، پر توهان کي هڪ ورڪنگ رليشن شپ رکڻو پوندو، هن چيو ته آئين جي بالادستي بنا ڪوبه ادارو نٿو هلي سگهي، بلاول ڀٽو بئريسٽر گوهر کي چيو ته توهان جو ليڊر ڪجهه عرصي کان جيل ۾ آهي، فرق نٿو پوي، توهان ميرٽ تي ڪيس وڙهو پر ايوان ۾ اچي عوام جي خدمت ڪريو، جيڪڏهن وڏو وزير جلسي ۾ بيهي حڪومت ۽ عدليه کي گاريون ڏيندو ته هو صوبي جي عوام کي روزگار نٿو ڏئي سگهي، قومي اسيمبلي ۾ خطاب دوران بلاول ڀٽو چيو ته هڪ سياستدان استعيفيٰ ڏني ته ڏاڍو افسوس ٿيو، اختر مينگل صاحب جي فيصلي جو احترام آهي پر اُن تي مايوسي ٿي، کيس ايوان ۾ هجڻ گهرجي ها. بلاول چيوته اسان انهن ماڻهن سان گڏجي ڪم ڪيو جن منهنجي والد کي 11 سالن تائين جيل ۾ وڌو، اسان متفقه قانونسازي ڪرائي صوبن کي مضبوط ڪيو، اسپيڪر پارليامينٽ کي مضبوط ڪري اسان گڏجي ملڪ کي مضبوط ڪنداسين، هن چيو ته اسان کي ڏسي گئلري ۾ ويٺل شاگردن مان ڪير به سياستدان بڻجڻ نه چاهيندو، سياست کي هڪ گار بڻايو ويو آهي، آئين جي بالادستي کانسواءِ پارليامينٽ سميت ڪو به ادارو نه ٿو هلي سگهي، ان ڳالهه سان ڪو فرق نه ٿو پوي ته ڪنهن منهنجي پيءُ يا ماءُ کي جيل ۾ وڌو، سياسي اتفاق راءِ خلاف هڪ مخصوص لابي موجود آهي، اهي ڪڏهن به نه چاهيندا ته اتفاق راءِ جاري رهي، پهرين ڏينهن کان ان خلاف سازش جاري آهي، ڪڏهن افتخار چوڌري ذريعي ڪڏهن انٽيليجنس ادارن ذريعي سياسي جماعت کي فائدو ڏئي اسان جي سياسي نظام کي اتي پهچايو ويو آهي جو هڪ ٻئي سان هٿ ملائڻ لاءِ تيار نه ٿا هجون، ائين هلڻو آهي ته هلندا رهنداسين، افسوس اسان انهن ٻارن جي قسمت سان کيڏي رهيا آهيون جن جا مستقبل اسان جي هٿن ۾ آهن، بلاول چيو ته جڏهن پي ڊي ايم جي حڪومت هئي ته پي ٽي آءِ کي مان چوندو هئس ته اسيمبلي نه ڇڏيو. ضد، جوش، جذبو هيو،اسيمبلي ڇڏي ڏني هاڻي پاڻ ڀوڳي رهيا آهن ۽ ملڪ به ڀوڳي رهيو آهي.