حڪومت ۽ مخالف ڌر هڪ پيج تي اچي ويون: بلوچستان صورتحال تي پارليامينٽ جو گڏيل اجلاس گھرائڻ تي اتفاق

سيپٽمبر 6, 2024

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر جي چيمبر ۾ مخالف ڌر ۽ حڪومتي وفد وچ ۾ ملاقات ٿي، اجلاس ۾ بلوچستان جي موجوده صورتحال ۽ قومي سلامتي بابت پارليامينٽ جو خاص اجلاس گهرائڻ تي اتفاق ڪيو ويو. قومي سلامتي ۽ بلوچستان جي موجوده صورتحال تي حڪومت ۽ اپوزيشن هڪ پيج تي اچي ويا. حڪومتي ۽ مخالف ڌر جي وفدن وچ ۾ اهم ملاقات قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اياز صادق جي چيمبر ۾ ٿي. اپوزيشن طرفان بئريسٽر گوهر، اسد قيصر، صاحبزاده حامد رضا ۽ عامر ڊوگر جڏهن ته حڪومت طرفان رانا ثناءُ الله، طارق فضل چوڌري، خالد مگسي ۽ حنيف عباسي شرڪت ڪئي. ذريعن موجب اجلاس ۾ مخالف ڌر بلوچستان جي موجوده صورتحال تي ان ڪئميرا گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تجويز ڏني. اجلاس ۾ اتفاق ڪيو ويو ته بلوچستان ۾ امن امان لاءِ حڪومت ۽ مخالف ڌر کي هڪ پيج تي هجڻ گهرجي. اجلاس ۾ قومي سلامتي بابت پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس سڏائڻ تي به غور ڪيو ويو. حڪومت ۽ مخالف ڌر سردار اختر مينگل کي استعيفيٰ واپس وٺڻ تي راضي ڪرڻ تي به اتفاق ڪيو. ميڊيا سان ڳالهائيندي بئريسٽر گوهر گوهر چيو ته اجلاس ۾ بلوچستان بابت خصوصي گڏيل اجلاس گهرائڻ ۽ ان ڪئميرا اجلاس تي به غور ڪيو ويو. پاڪستان جي سلامتي سڀني کي پياري آهي. بئريسٽر گوهر چيو ته اهڙين حالتن ۾ سڀني کي سياست نه ڪرڻ گهرجي. اختر مينگل جي استعيفيٰ جمهوريت لاءِ سٺو سنوڻ ناهي. بئريسٽر گوهر چيو ته پارليامينٽ جو فورم ڇڏڻ ڪنهن به مسئلي جو حل ناهي. اسد قيصر چيو ته حڪومت گڏيل اجلاس گهرائڻ جي تاريخ طئي ڪري رهي آهي. اسان چاهيون ٿا ته وزيراعظم پاڻ گڏيل اجلاس ۾ اچي ۽ بلوچستان بابت پاليسي بيان ڏئي. اسد قيصر چيو ته بلوچستان جي عوام کي هن پارليامينٽ مان وڏيون اميدون آهن. مخالف ڌر جي اتحاد ذريعي آل پارٽيز ڪانفرنس سڏائڻ تي به غور ڪري رهيا آهيون. صاحبزاده حامد رضا کي سمورين سياسي پارٽين جي مشاورت جو ٽاسڪ ڏنو ويو آهي. اسد قيصر چيو ته مولانا فضل الرحمان جي پنهنجي پارٽي پنهنجي سياست آهي، تحريڪ انصاف سڀ کان وڏي سياسي پارٽي آهي ۽ عوام جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪرڻ اسان جي ذميواري آهي. گڏيل اجلاس ۾ بلوچستان جي حوالي سان اعليٰ فوجي عملدارن جي بريفنگ جي تجويز تي به غور ڪيو ويو. گڏيل اجلاس ۾ جيڪا پاليسي طئي ڪئي ويندي ان تي حڪومت ۽ اسٽيبلشمينٽ کي عمل ڪرڻو پوندو.

Leave A Comment