حڪومت ۽ يڪجهتي ڪاميٽي ۾ ڳالهيون ڪامياب: ڌرڻا ختم: 70 ڪارڪن آزاد
آگسٽ 3, 2024
گوادر (م ڊ) گوادر ۾ ضلعي انتظاميا ۽ بلوچ يڪجهتي ڪاميٽي ۾ ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون، حڪومت ۽ يڪجهتي ڪاميٽي ۾ 7 مطالبن تي معاهدو ٿي ويو، جنهن تي عمل ڪندي 70 ڪارڪن کي آزاد ڪيو ويو، مظاهرين صوبي ۾ ڌرڻا ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. ڳالهين ۾ گهرو وزير بلوچستان ضياءَ لانگو، صوبائي وزير ظهور بليدي، ڊي سي هائوس ۾ موجود هئا، گهرو وزير دعويٰ ڪئي ته ڳالهيون ڪامياب ٿي ويون آهن، يڪجهتي ڪاميٽي پاران ڌرڻا ختم ڪيا ويندا، اسان احتجاج دوران صبر جو مظاهرو ڪيو، ڪنهن کي قانون هٿ ۾ کڻڻ جي اجازت نه ڏني ويندي، معاهدي تحت گرفتار ڪارڪن آزاد ڪيا ويندا، بلوچستان حڪومت سنڌ سرڪار سان به رابطو ڪري ڪارڪن آزاد ڪرائيندي، داخل ڪيس واپس ورتا ويندا، قبضي ۾ ورتل شيون واپس ڪيون وينديون جنهن لاءِ ڪاميٽي ٺاهي ويندي، ڌرڻي کانپوءِ ڪنهن کي هراسان نه ڪيو ويندو، ڌرڻي دوران مارجي ويل ۽ زخمي ٿيندڙن جي وارثن جي فرياد تي ڪيس داخل ڪيو ويندو، ڪنهن کي انتقامي ڪارروائي جو نشانو نه بڻايو ويندو، ڌرڻو ختم ڪرڻ جي فيصلي بعد موبائل فون سروس بحال ڪرڻ جو اعلان ڪيو ويو.