حڪومت پاران آئيني ترميمي بل آڻڻ لاءِ ٻيهر ڪوششون، فضل الرحمان بنا منظوري ناممڪن قرار
سيپٽمبر 28, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) آئيني ترميم تي اتفاق راءِ نه ٿيڻ بعد حڪومت هڪ ڀيرو وري پارليامينٽ ۾ آئيني ترميم جو بل پيش ڪرڻ جون ڪوششون شروع ڪري ڇڏيون، سينيٽ ۾ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي پارلياماني ليڊر عرفان صديقي صحافين کي ٻڌايو آھي ته آئيني ترميم آڪٽوبر جي پهرين هفتي ۾ پارليامينٽ ۾ پيش ڪئي ويندي. عرفان صديقي چيو ته جميعت علماءِ اسلام (ف) جي سربراهه مولانا فضل الرحمان جي حمايت کانسواءِ آئيني ترميمن کي خاص ڪري سينيٽ ۾ پاس ڪرڻ ممڪن ناهي، هن چيو ته حڪمران اتحاد جي يو آءِ ف سربراهه سان رابطي ۾ آهي، جنهن آئيني عدالت جي تصور جي حمايت ڪئي آهي، پر ججن جي تعداد، مقرري جو طريقو، ريٽائرمينٽ سميت اهم معاملن تي وضاحت چاهين ٿا. عرفان صديقي چيو ته تجويز ڪيل آئيني عدالت جي نوعيت وفاقي هوندي ۽ ان ۾ سمورن صوبن کي نمائندگي ڏني ويندي. آئيني عدالت جي قيام تي مئي 2006ع ۾ اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف ۽ بينظير ڀٽو وچ ۾ ميثاق جمهوريت ۾ اتفاق ڪيو ويو هو، عرفان صديقي چيو ته پارليامينٽ 19هين ترميم غير ارادي طور تي منظور ڪئي، جنهن سان عدالتي مقررين بابت پارلياماني ڪاميٽي جو ڪردار مفلوج ٿي ويو، هن چيو ته موجوده تجويز جو مقصد 18هين ترميم ڏانهن موٽڻ آهي، جنھن سان پارليامينٽ کي وڌيڪ بامعني ڪردار ملندو. هوڏانهن پ پ وفد مولانا فضل الرحمان وٽ پهچي ويو، وفد ۾ نيئر بخاري، شيري رحمان ۽ ٻيا اڳواڻ هئا، ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال، آئيني ترميمن تي ڳالهيون ڪيو ويون، آئيني عدالت جي قيام تي به مشاورت ڪئي وئي، ذريعن موجب پ پاران ان تي جي يو آءِ کي پنهنجي ترميم آڻڻ جي تجويز ڏني وئي.