حڪومت پاران ججز مقرري جو طريقيڪار تبديل ڪرڻ جو فيصلو: چيف جسٽس جي مدي ۾ واڌ بابت تجويزون غور هيٺ
مَي 4, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس، رولز ۾ ترميم جو فيصلو، ججز جون مقرريون موجوده رولز تحت ڪرڻ تي اتفاق ڪيو ويو، چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ جي سربراهيءَ ۾ جوڊيشل ڪميشن جو اجلاس ٿيو، اجلاس بعد پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته اجلاس جي ايجنڊا جوڊيشل ڪميشن رولز ۾ ترميمن جو جائزو وٺڻ هيو، اجلاس ۾ چيئرمين جوڊيشل ڪميشن قاضي فائز عيسيٰ ميمبرن کي کان تجويزن تي راءِ طلب ڪئي. ڪميشن جي اجلاس ۾ جسٽس منصور علي شاهه ۽ جسٽس رٽائرڊ منظور ملڪ تي مشتمل رولز ڪاميٽي تيار ڪيل رولز کي غور لاءِ سامهون رکيو ويو. ان دوران اجلاس ۾ شريڪ وفاقي وزير قانون اجلاس ملتوي ڪرڻ جي گذارش ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت آئين جي آرٽيڪل 175 اي ۾ ترميم تي غور ڪري رهي آهي، ترميم ذريعي جوڊيشل ڪميشن جي حيثيت تبديل ٿي سگهي ٿي. پڌرائي ۾ چيو ويو ته جسٽس يحييٰ آفريدي ايجنڊا تي بحث نه ڪرڻ ۽ اجلاس ملتوي ڪرڻ جي تجويز ڏني جنهن تي سمورن ميمبرن اجلاس ملتوي ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. جڏهن ته اجلاس ۾اتفاق ڪيو ويو ته ججز جي مقرري واري معاملي ۾ دير نه ٿيڻ گهرجي. ٻئي طرف قانون واري وفاقي وزير اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته چيف جسٽس جي ملازمت جي مُدي ۾ واڌ جي تجويز گردش ڪري رهي آهي، ججز مقرري ۾ پارلياماني ڪميٽي جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ کان وڌيڪ ناهي، هن چيو ته 18هين ترميم ۾ ججز جي مقرريءَ ۾ توازن رکيو ويو هو، 19هين ترميم کانپوءِ پارلياماني ڪميٽي جي حيثيت رٻڙ اسٽيمپ واري ٿي وئي آهي، چاهيون ٿا ججز جي مقرريءَ ۾ توازن هجڻ گهرجي، هڪ سوال جي جواب ۾ اعظم نذير تارڙ چيو ته جج جي گهر مان ڪئميرا ملڻ جي ڳالهه اُن وقت ڄاڻ ۾ آئي، جڏهن هُو وزارت ۾ نه هو، کيس هڪ جج جي ريفرنس ۾ ڌُر بڻجڻ لاءِ چيو ويو، پر هُن انڪار ڪري ڇڏيو، عدليه جي آزادي حڪومت جو بُنيادي اصول آهي، پي ٽي آءِ ڪنهن به مخصوص سيٽ جي حقدار نه آهي