حڪومت معاشي ترقي هدف حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام: قرضن ۾ 4623 ارب جو اضافو: پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ واڌ
جُون 10, 2024
اسلام آباد(رپورٽ: ايم بي سومرو) قومي اقتصادي سروي 11 جون تي پيش ڪئي ويندي. اقتصادي سروي ۾ معيشت جا اهم انگ اکر پيش ڪيا ويندا. دستاويزن موجب هلندڙ مالي سال جي 9 مهينن ۾ قرضن ۽ رهتن ۾ 4643 ارب رپين جو اضافو ٿيو، خالص قرض ۽ رهتون وڌي 67524 ارب رپين تائين پهچي ويون آھن . ان عرصي دوران ملڪي قرضن ۾ 4623 ارب رپين جو اضافو ٿيو، ملڪي قرض 43 هزار 432 ارب رپين تائين پهچي ويو. جڏهن ته ان عرصي دوران پرڏيهي قرضن ۾ 89 ارب رپين جي گهٽتائي ٿي، پرڏيهي قرض 21 هزار 941 ارب رپيا رهيو، مجموعي طور پاڪستان مٿان قرض وڌي جي ڊي پي جو 74.8 سيڪڙو ٿي ويو آهي، ڪل پرڏيهي قرض ۽ رهتون جي ڊي پي جو 43 سيڪڙو آهن مجموعي اندروني قرض جي ڊي پي جو 46.2 سيڪڙو آھي. 2024ع جي پنجن مهينن ۾ ملڪ ۾ فرٽيلائيزر جي پيداوار ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو، ڀاڻ جو وڪرو 2.55 ملين ٽن ٿي ويو، گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ ڀاڻ جو وڪرو 2.49 ملين ٽن هيو، مئي ۾ ڀاڻ جو وڪرو 13 سيڪڙو گهٽجي 4 لک ٽن ٿي ويو. هلندڙ مالي سال جي 11 مهينن ۾ سيمينٽ جي وڪرو ۾ 3 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي. ان عرصي دوران سيمينٽ جو وڪرو وڌي 41.74 ملين ٽن ٿي ويو.گذريل سال ساڳئي عرصي دوران سيمينٽ جو وڪرو 40.52 ملين ٽن هيو، سيمينٽ جي برآمد ۾ 66 سيڪڙو جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو. سيمينٽ جي برآمد 6.64 ملين ٽن تائين پهچي وئي. گذريل سال ساڳئي عرصي دوران سيمينٽ جي برآمد تقريبا 3.99 ملين ٽن هئي. مئي ۾ برآمد ۾ 27 سيڪڙو اضافو ٿيو، ايڪسپورٽ مئي ۾ 2.8 بلين ڊالر تائين وڌي وئي جيڪا گذريل سال ساڳئي عرصي ۾ 2.2 بلين ڊالر هئي. امپورٽ 14 سيڪڙو وڌي 4.9 بلين ڊالر ٿي ويون. واپاري خسارو نالي ماتر تبديلي سان 2.1 بلين ڊالر تائين ظاهر ٿيو، واپاري خسارو 15 سيڪڙو گهٽجي 21.7 بلين ڊالر ٿي ويو، جولاءِ کان اپريل دوران پرڏيهي سيڙپڪاري 659 ملين ڊالر رهي، ان عرصي دوران پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ 93 سيڪڙو اضافو ٿيو، ان عرصي دوران سڌي پرڏيهي سيڙپڪاري 8 سيڪڙو وڌي 1.45 بلين ڊالر ٿي وئي. هلندڙ مالي سال جي 10 مهينن دوران ايڪوٽيز ۾ سيڙپڪاري وڌي 81 ملين ڊالر ٿي وئي، مالي سال جي 10 مهينن ۾ ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو 538 ملين ڊالر رهيو. اهو گذريل سال ساڳئي عرصي دوران اٽڪل 4.2 بلين ڊالر هو. دستاويزن موجب موجوده اڪائونٽ اپريل ۾ 453 ملين ڊالر جي سرپلس ۾ هو. اهو مارچ ۾ 415 ملين ڊالر جو سرپلس به ڏيکاريو ويو، معاشي ترقي جو هدف 3.5 سيڪڙو هو پر 2.38 سيڪڙو رهي، زرعي شعبي جي ترقي 6.25 سيڪڙو رهي، زرعي شعبي جي ترقي جو هدف 3.4 سيڪڙو هو، صنعتي شعبي جي ترقي جو هدف 3.4 حاصل نه ٿي سگهيو، صنعتي شعبي جي ترقي 1.21 سيڪڙو هئي، خدمتن جي شعبي جو هدف 3.6 سيڪڙو هو، خدمتن جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 1.2 سيڪڙو رهي. ڪڻڪ جو فصل 11.64 سيڪڙو جي واڌ سان 28.16 ملين رهيو، ڪپهه جو فصل 108 سيڪڙو وڌي 10.22 ملين بيلز ٿي ويو، چانورن جي پيداوار 34.78 سيڪڙو وڌي 98 لک 70 هزار ٽن ٿي وئي. مڪئي جي پيداوار 10.3 سيڪڙو جي گهٽتائي سان 90 لک 50 هزار ٽن رهي. لائيو اسٽاڪ جي شعبي ۾ ترقي جي شرح 3.8 سيڪڙو رهي.