حڪومت سازي لاءِ ن ليگ جو متحده سان اتفاق،پ پ سان اختلاف برقرار، قطعي فيصلو نه ٿي سگهيو، ٻيو رٿيل اجلاس اڄ تائين ملتوي

فيبروري 20, 2024

اسلام آباد (رپورٽ: ايم بي سومرو) حڪومت سازي لاءِ پاڪستان مسلم ليگ ن، پيپلزپارٽي ۽ ايم ڪيو ايم ۾ ڳالهيون ٿيون. پاڪستان مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ اتحاد جي يادداشت نامي تي اتفاق ڪري ان کي دستاويز جي شڪل ڏيڻ جو به فيصلو ڪيو ويو. ٻئي پارٽيون مسودي تي پنهنجي قائدين کان منظوري وٺنديون. ان ڏس ۾ پيپلزپارٽي ۽ مسلم ليگ ن جي وفدن ۾ حڪومت سازي لاءِ ڳالهين جو پنجون دور ٿيو. ٻنهي پارٽين جي رابطا ڪاميٽين جي ملاقات ۾ حڪومت سازي جي حتمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ذريعن موجب ملاقات ۾ پيپلزپارٽي پنهنجو موقف ورجائيندي ن ليگ کي حڪومت سازي جو يقيني ڏياريو پر ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ کان ٻيهر انڪار ڪري ڇڏيو. پيپلزپارٽي جي رابطا ڪاميٽي جي ميمبر قمر زمان ڪائره چيو آهي ته اسين حڪومت ۾ ڪو به حصو نه پيا وٺون.. هن چيو ته آصف زرداري صدر جي اميدوار طور ن ليگ کان ووٽ گھرندو. اتحاد ۾ هججي ٿو ته هڪ ٻئي خلاف اميدوار ناهن آڻبا.  پنهنجي بيان ۾ قمر زمان ڪائره چيو ته تحريڪ انصاف جي قول ۽ فعل ۾ فرق آهي. اسان جو ڪابينا جو حصو بڻجڻ ڪنهن به ڏينهن ايجنڊا ۾ ناهي رهيو. هن چيو ته پ پ ڪابينا جو حصو نه هوندي پر پارليامينٽ جو حصو بڻجندي. هن وڌيڪ چيو ته اسان جو گھڻو تڻو ڪم ٿي چڪو آهي بس ٿورو باقي آهي. قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ ۾ اڃان 8 کان 9 ڏينهن باقي آهن، تيستائين معاملا سوچي سمجهي اڳتي وڌائينداسين. اسين ن ليگ سان گڏ آهيون.  هن چيو ته اسان  پ پ جي سينٽرل ايگزيڪيٽو ڪميٽي جي اجلاس کان پوءِ ن ليگ کي حڪومت سازي لاءِ چئي ڇڏيو هو. ڪابينا ۾ شامل ٿيڻ تي ڪو ڊيڊلاڪ ناهي. اسان واضح آهيون ته ڪابينا ۾ شامل نه ٿينداسين. هن چيو ته اسان 2-3 واري فارمولي تحت وزارت عظميٰ کان پهرئين ڏينهن ئي انڪار ڪيو هو.  هوڏانهن ايم ڪيو ايم پاڪستان حڪومت ۾ شموليت جي بدلي ن ليگ کان اختيارن جي هيٺين سطح تي منتقلي لاءِ ترميم سميت ٽي نقاطي آئيني ترميم جي حمايت گھري ورتي آهي. ان ڏس ۾ ڪالهه ايم ڪيو ايم جو وفد حڪومت سازي جي لاءِ ن ليگ جي اڳواڻن سان ملاقات لاءِ اسحاق ڊار جي گھر پهتو. اڳوڻي ناڻي وزير جي گھر ٿيل ملاقات ۾ مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ايم ڪيو ايم ترجمان موجب ايم ڪيو ايم جي وفد ۾ گورنر ڪامران خان ٽيسوري، ڊاڪٽر فاروق ستار، مصطفيٰ ڪمال ۽ ٻيا شامل هئا.  ملاقات بعد جاري ڪيل پڌرائي ۾ ايم ڪيوا يم چيو آهي ته ملڪ کي درپيش چيلينجز جو حل ۽ بحرانن مان ڪڍڻ سڀني جي ذميواري آهي. اسان اختيارن، وسيلن جي هيٺين سطح تي منتقلي کي آئيني تحفظ ڏيارڻ چاهيون ٿا، جيڪا ايم ڪيو ايم جي پهرين ترجيح آهي.ٻنهي پارٽين جي اڳواڻن حڪومت سازي بابت ملاقاتن جو سلسلو جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو آهي.  ملاقات ۾ شهري سنڌ جي مسئلن بابت به ڳالهايو. جڏهن ته ن ليگ حڪومت جي معاهدي جو مسودو ايم ڪيو ايم حوالي ڪري ڇڏيو آهي جنهن جي جائزي بعد صحيحيون ڪيون وينديون. مسلم ليگ ن ۽ پيپلزپارٽي وچ ۾ ڳالهين جو ٻيو دور اڄ تائين ملتوي ڪيو ويو. ن ليگ اڳواڻ اعظم نذير تارڙ چيو آهي ته ڳالهيون هاڪاري انداز ۾ جاري آهن، اڄ صبح ٻيهر ان معاملي تي ويهڪ ٿيندي. پيپلزپارٽي جي شموليت بابت ڪجهه شيون طئه ٿيل آهن ڪجهه طئه ڪرڻيون آهن.  ياد رهي ته ڪالهه پ پ ۽ ن ليگ کي حڪومت سازي لاءِ حتمي فيصلو ڪرڻو هو جيڪو نه ٿي سگھيو، جنهن ڪري اڄ ٻيهر گڏجاڻي ڪوٺائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.  ن ليگ جي ذريعن موجب اڄ معاملا طئه ٿي ويندا.

Leave A Comment