حڪومت پاران 90ع جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جو فيصلو
آگسٽ 9, 2024
اسلام آباد (بيورو رپورٽ) حڪومت عوام لاءِ وڏو رليف تيار ڪندي 90 جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدن کي ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو، توانائي واري وزير اويس لغاري جي سربراهي ۾ قائم ٽاسڪ فورس فريم ورڪ مڪمل ڪري ورتو آهي، جنهن موجب 90 جي ڏهاڪي ۾ آءِ پي پيز سان ڪيل معاهدا ختم ڪرڻ جو اعلان جلد ڪرڻ جو امڪان آهي. ٻين آءِ پي پيز ڪمپنين جي معاهدن تي به نظرثاني تي غور ڪيو پيو وڃي. ان سلسلي ۾ 201 کان وڌيڪ يونٽ جي صارفين لاءِ به فريم ورڪ تيار ڪيو ويو آهي جنهن موجب 201 کان وڌيڪ يونٽ صارفين کي 6 مهينن تائين ساڳئي سليب ۾ رکڻ جي پاليسي ۾ تبديلي جو فيصلو ڪيو ويو آهي. 201 کان مٿي يونٽ جي صارفين لاءِ خصوصي سليب رکيا ويندا، 201 کان وڌيڪ يونٽ وارن بجلي صارفين جي لاءِ 26 رپيا في يونٽ سليب مقرر ڪرڻ تي غور ڪيو پيو وڃي. وفاقي وزير اويس لغاري چيو آهي ته توانائي وارو شعبو معيشت لاءِ اهم آهي، انهي ۾ سڌارا ڪري رهيا آهيون ۽ انهن سڌارن تي عمل به يقيني بنائينداسين. هن چيو ته قومي ٽاسڪ فورس توانائي واري شعبي ۾سڌارن تي ڪم ڪندو. 20 نقطن تي سڌارن جي شروعات ٿي چڪي آهي جيترو جلد معاملن کي صحيح ڪنداسين اوترو ئي جلد معيشت پٽڙي تي چڙهندي.