حڪومت سازي جو مرحلو شروع: قومي اسيمبلي اجلاس گھرائڻ لاءِ رڪيوزشن جمع: پنجاب جا ايم پي ايز اڄ ۽ سنڌ جا سڀاڻي حلف کڻندا
فيبروري 23, 2024
ڪراچي / لاهور (رپوٽ: شاهد ميراڻي + م ڊ) ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ کان پوءِ حڪومت سازي جو مرحلو شروع ٿي ويو آهي. جنهن لاءِ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ ۽ سنڌ جي اسيمبلي جو اجلاس سڀاڻي طلب ڪيو ويو آهي، جڏهن ته قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ صدر کي سمري اماڻي وئي آهي. جنهن ۾ نوان چونڊيل نمائندا حلف کڻندا. قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرائڻ لاءِ 26 کان 28 فيبروري جي تاريخ تجويز ڪئي وئي آهي، جنهن بعد امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي ته ٻن ڏينهن اندر قومي اسيمبلي جو اجلاس گھرايو ويندو. ان ڏس ۾ پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ سڏايو ويو آهي،گورنر محمد بليغ الرحمان صوبائي اسيمبلي جو اجلاس سڏائڻ جو نوٽيفڪيشن پڻ جاري ڪري ڇڏيو آهي. پڌرائي موجب، پنجاب اسيمبلي جو اجلاس اڄ صبح 10 وڳي ٿيندو، صوبائي اسيمبلي جي اجلاس ۾ نوان چونڊيل ميمبر حلف کڻندا. پنجاب اسيمبلي جو اسپيڪر سبطين خان نون چونڊجي آيل ميمبرن کان حلف وٺندو. ياد رهي ته 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن کانپوءِ پنجاب اسيمبلي پهرين صوبائي اسيمبلي آهي جنهن جو اجلاس طلب ڪيو ويو آهي. پنجاب اسيمبلي ۾ ن ليگ 137 ميمبرن سان کان وڌيڪ سيٽون رکندڙ پارٽي آهي جڏهن ته آزاد اميدوار ٻئي نمبر تي آهن. ٻئي پاسي پنجاب اسيمبلي ۾ خاص سيٽن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي. جنهن تحت مسلم ليگ ن جون 36 اميدوار عورتون مخصوص سيٽن تي ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. ان کان سواءِ عورتن جي ٽن مخصوص سيٽن تي تي پيپلزپارٽي، 2 تي مسلم ليگ قا جون عورت اميدوار ڪامياب قرار ڏنيون ويون آهن. عورتن جي هڪ خاص سيٽ استحڪام پاڪستان پارٽي کي ملي. ٻئي پاسي اقيلتن جون به پنج خاص سيٽون ن ليگ کي مليون آهن، ن ليگ جا 5 اميدوار اقيلتي سيٽن تي ڪامياب ٿيا آهن. پنجاب اسيمبلي جي اقليتن جي 8 مان 5 ۽ عورتن جي 66 سيٽن مان 42 جو نوٽيفيڪشن جاري ڪيو ويو آهي. عورتن جي خاص سيٽن تي ڪامياب ٿيندڙن ۾ مريم اورنگزيب، ن ليگ جي ذڪيه خان، عشرت اشرف، عظميٰ بخاري، حنا پرويز بٽ، سلميٰ تيمور راحيلا نعيم، بشري انجم بٽ، ثانيا عاشق ۽ ٻيون عورتن جي خاص سيٽن تي ايم پي ايز ٿي ويون آهن. ق ليگ جي تشفي سفدر، سلا اڪبر به مخصوص سيٽن تي ايم پي ايز ٿي ويون آهن. ان کان سواءِ استحڪام پاڪستان پارٽي جي سارا احمد کي به ايم پي اي قرار ڏنو ويو آهي. ٻئي پاسي 8 فيبروري تي ٿيل عام چونڊن جي نتيجي ۾ وجود ۾ آيل سنڌ اسيمبلي جو اجلاس 24 فيبروري تي صبح جو 11 وڳي طلب ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ موجوده اسپيڪر آغا سراج دراني جنرل توڙي مخصوص سيٽن تان ڪامياب ٿيل 168 ايم پي ايز کان قسم کڻائيندو، حلف برداري کان پوءِ اسپيڪر آغا سراج دراني نئين اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر جي چونڊ جو شيڊول پڻ جاري ڪندو. ٻنهي آئيني عهدن لاءِ نامزدگي فارم ڀرجڻ جي ٻئي ڏينهن تي چونڊون ٿينديون، جن ۾ اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر چونڊيا ويندا، جڏهن ته اسپيڪر جي چونڊ بعد وزيراعليٰ جي چونڊ جو شيڊول پڌرو ڪيو ويندو. اپوزيشن طرفان اپوزيشن ليڊر جو تعين ڪرڻ بعد ايوان جي جوڙجڪ مڪمل ٿي ويندي. ذريعن موجب سنڌ اسيمبلي جي اسپيڪر لاءِ نوشهروفيروز مان چونڊيل قانوندان ضيا لنجار جو نالو گردش هيٺ آهي جڏهن ته ڊپٽي اسپيڪر لاءِ ريحانه لغاري کي ٻيهر برقرار رکڻ تي غور ڪيو پيو وڃي.