حڪومت جو 1 کان 22 گريڊ جي رائيٽ سائيزنگ جو اعلان: ڪيترائي عهدا ختم ٿي ويندا
سيپٽمبر 2, 2024
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وفاقي حڪومت جي ترجمان ملازمن کي ڪڍڻ بابت نالي واري معاشي ماهر قيصر بنگالي جي سامهون آيل موقف تي ردعمل جاري ڪندي چيو آھي ته رائٽ سائيزنگ ڪميٽي ڊاڪٽر قيصر بنگالي پاران رائيٽ سائيزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي دوران ڏنل قيمتي راءِ ۽ تجويزن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿي، ڊاڪٽر قيصر بنگالي رائيٽ سائيزنگ ڪميٽيءَ جي معزز ميمبر طور پنهنجي راءِ ڏني، رائيٽ سائيزنگ جي مشق جي پهرين مرحلي دوران ڇهن وزارتن ۽ ادارن جو جائزو ورتو ويو، ڪميٽيءَ جي تازو منظور ڪيل تجويزن تي ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي راءِ رابطي يا مناسب تعريف جي فقدان جو سبب معلوم ٿئي ٿو. ڪابينه پاران منظور ڪيل رائٽ سائيزنگ ڪميٽي جي سفارشن جا پهلو واضح ڪيا پيا وڃن ته جيئن غلط فهمي يا غلط تصور کان بچي سگهجي. نه رڳو گريڊ 1 کان 16 پر گريڊ 1 کان 22 تائين جي سڀني سرڪاري عهدن کي رائيٽ ساز ڪيو پيو وڃي. لڳ ڀڳ 60 عهدا سرپلس ٿي سگهن ٿا جن ۾ گريڊ 17 کان 22 تائين جا عهدا به شامل آهن. رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي هن وقت تائين پهرين مرحلي ۾ ڇهن وزارتن جو جائزو ورتو آهي. انهن مان هڪ وزارت کي ختم ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي آهي جڏهن ته ٻن کي ضم ڪيو پيو وڃي مطلب ته بي ايس 22 جون گهٽ ۾ گهٽ ٻه پوسٽون ۽ بي ايس 17 کان 21 جون ڪيترائي عهداختم ٿي سگهن ٿا. اهڙي طرح انهن گريڊز جا آفيسر سرپلس ٿي ويندا. حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973 ۾ ضروري ترميمن سان گڏ لازمي ريٽائرمينٽ پيڪيج تي ڪم ڪري رهي آهي ته جيئن اهو پيڪيج سڀني سرڪاري ملازمن تي بغير ڪنهن رعايت يا ترجيح جي لاڳو ٿئي. رائٽ سائيزنگ ڪميٽي واضح معيارن مطابق وزارتن، منسلڪ کاتن، خودمختيار ادارن ۽ سرڪاري ادارن جو جامع ۽ غيرجانبدار جائزو وٺندي آهي. رائيٽ سائيزنگ ڪميٽي ڊاڪٽر قيصر بنگالي جي راءِ جو احترام ڪري ٿي اهو محسوس ٿئي ٿو ته انهن جي راء جو بنياد رابطي يا سمجهه جي کوٽ تي مبني آهي